Book Name:Esal e Sawab Ki Barkatain

فرمائن ٿا: ان جي بعد کان وٺي مون هر جمعي رات جو اها نماز پڙهڻ ۽ مري ويلن کي ايصال ثواب ڪرڻ جو معمول بڻائي ورتو. ان نيڪ عمل جي صدقي مون تي ڪرم ٿيو، هڪ رات پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم خواب ۾ پنهنجي ديدار سان مُشرف ڪندي ارشاد فرمايو: اي مالڪ بن دينار! جيتري قدر نور جا تحفه تو منهنجي اُمت کي ڏنا آهن الله پاڪ ان جي بدلي تنهنجي مغفرت فرمائي ڇڏي آهي تو کي به ان جو ثواب عطا فرمايو آهي ۽ جنت ۾ تنهنجي لاءِ هڪ گهر بڻائي ڇڏيو آهي. ([1])

صحابه ڪرام ۽ مرحومن سان رحمدلي

پيارا اسلامي ڀائرو! ايصالِ ثواب صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جي معمولات ۾ شامل هو. جڏهن ڪو دنيا مان ويندو هو ته صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان مختلف طريقن سان ان کي ايصالِ ثواب ڪندا هئا. جيئن ته روايتن ۾ آهي: * انصار صحابه جو اهو معمول هيو ته جڏهن ڪو مري ويندو هو ته ان جي قبر تي ويندا ۽ اُتي قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪندا هئا.[2] * حضرت امام حسن و حُسَين
رَضِىَ اللهُ عَنْهما پنهنجي والدِ محترم يعني مسلمانن جي چوٿين خليفي موليٰ علي، شير خدا رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  جي ايصالِ ثواب جي لاءِ غلام آزاد ڪندا هئا.[3] * حضرت سعد رَضِىَ اللهُ عَنْهُ پنهنجي والده جي انتقال کان پوءِ انهن جي ايصالِ ثواب جي لاءِ هڪ پاڻي جو کوھ کوٽايو پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! ان کوهه جو نالو بئرِ اُمِّ سَعْد (يعني سعد جي ماءُ جو کوھ) رکيو. [4] *  امام سيوطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان ستن ڏينهن تائين مُردن جي طرفان کاڌو کارائيندا هئا.[5] * اهڙي طرح صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان ٻين به کوڙ طريقن سان ميت کي فائدو پهچائيندا هئا،


 

 



[1]...شرح الصدور، باب ماینفع المیت فی قبرہ، صفحہ:215۔

[2] شرح الصدور، باب فی قراءۃ القرآن للمیت...الخ، صفحہ:218۔

[3] مصنف ابن ابی شیبۃ، کتاب الجنائز، باب ما یتبع المیت بعد موتہ، جلد:3، صفحہ:262، حدیث:12

[4] ابو داود، کتاب الزکاۃ، باب فی فضل سقی الماء، صفحہ:274، حدیث:1681مختصراً۔

[5] الحاوی للفتاویٰ، طلوع الثریا باظہار ماکان خفیا، صفحہ:591۔