Book Name:Esal e Sawab Ki Barkatain

ڪري ۽ ان وٽ سورت يٰسين پڙهي بخشجي ويندو.[1]

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

بيان جو خلاصو

پيارا اسلامي ڀائرو! ڪلام جو خلاصو هي آهي ته اسان مسلمان آهيون ۽ اسان جو پيارو دين اسلام اسان کي ڀلائي جو درس ڏيندو آهي، اسان کي گهرجي ته عام دنيادارن جيان صرف قبر جي کڏ تائين گڏ نه رهون بلڪ پنهنجي عزيزن رشتيدارن پڻ تمام مسلمان ڀائرن سان موت کان بعد به ڀلائي ڪندا رهون. ان جا 2 طريقا آهن: (1) انهن جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪندا رهون. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! جيترن مسلمانن جي لاءِ بخشش جي دعا ڪندا، انهن جي ڳڻپ جي برابر نيڪيون ملنديون. جيڪڏهن تمام مسلمانن جي لاءِ دعا ڪندا ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ڪجھ سيڪنڊن ۾ اربين کربين نيڪيون ڪمائي وٺندا. (2) ٻيو طريقو اهو آهي ته ايصالِ ثواب جي عادت بڻايو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! الله پاڪ جي رحمت مان اُميد آهي ته هڪ نيڪي جو ثواب جيترن کي پهچائيندا، سڀني جي ڳڻپ جي برابر وڌائي ڪري اسان جي اعمالنامي ۾ ثواب لکيو ويندو. يعني ايصالِ ثواب جي ذريعي اسان پنهنجي هڪ نيڪي کي ڪيئي سؤ بلڪه اربين کربين ڀيرا وڌائي سگهون ٿا. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.

ايصالِ ثواب جا فضائل ۽ فوائد ۽ ان جي باري ۾ تفصيلي معلومات جي لاءِ امير اهل سنت مولانا الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو مختصر رسالو ” فاتحه ۽ ايصالِ ثواب جو طريقو“ پڙهي وٺندا!

 



[1] الکامل لابن عدی، رقم:1321، عمرو بن زیاد...الخ، جلد:6، صفحہ:106۔