Book Name:Esal e Sawab Ki Barkatain

فاتحه وغيره جو اهتمام ڪرڻ جائز ۽ چڱو عمل آهي ڇوته هن ۾ انهن بُزرگن جي لاءِ دعا آهي. [1]

دعاءِ مغفرت جي فضيلت

پيارا اسلامي ڀائرو! وڌيڪ نه سهي ته گهٽ مان گهٽ روزانو هڪ ڀيرو تمام مسلمانن جي حق ۾ بخشش جي دعا ڪرڻ جي عادت بڻائڻ گهرجي! حديث پاڪ ۾ آهي، منهنجي ۽ اوهان جي آقا، محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو تمام مومن مردن ۽ عورتن جي لاءِ دعاءِ مغفرت ڪندو آهي، الله پاڪ ان جي لاءِ هر مومن مرد و عورت جي بدلي هڪ نيڪي لکي ڇڏيندو آهي.[2]

   پيارا اسلامي ڀائرو! اندازو لڳايو ته! حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کان وٺي هاڻي تائين اربين، کربين مسلمان دنيا ۾ اچي چڪا آهن، رڳو ايتري دعا ڪرڻي آهي: اَللّٰہُمَّ اغْفِرْ لِیْ وَ لِکُلِّ مُؤْمِنٍ وَ مُؤْمِنَۃٍ (اي الله پاڪ! منهنجي ۽ سڀني مسلمان مردن ۽ عورتن جي مغفرت فرماءِ) ان جي برڪت سان، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اربين کربين نيڪيون هٿ اينديون.

  الله پاڪ اسان سڀني کي پنهنجي لاءِ، پنهنجي مري ويلن جي لاءِ بلڪه اُمّت مسلمه جي لاءِ نيڪ دعائون ڪندو رهڻ جي توفيق نصيب فرمائي.

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

(2)ايصالِ ثواب ڪيو!

پيارا اسلامي ڀائرو! مري ويلن سان رحمدلي ڪرڻ جو ٻيو طريقو آهي: ايصالِ ثواب. يعني انهن کي ثواب پڄائڻ. هونئن ايصالِ ثواب مُردن ئي سان خاص ناهي، زندھ کي به ثواب پڄائي سگهو ٿا.[3] البت! مري ويلن کي ايصالِ ثواب


 

 



[1]...نور العرفان،پارہ:28، سورۂ حشر، زیرِ آیت:10، صفحہ:873بتصرف قلیل۔

[2] مسندُ الشّامیین لِلطَّبَرانی،جلد:3، صفحہ: 234، حدیث 2155۔

[3] مرقاۃ المفاتیح، کتاب الفتن، باب الملاحم، جلد:10، صفحہ:69، زیرِ حدیث:5434ماخوذاً۔