Book Name:Esal e Sawab Ki Barkatain

سرڪار غوث اعظم ۽ تمام اولياءِ ڪرام رَحِمَهُمُ اللّٰهُ السَّلَام کي پهچي،* رات جو نيت ڪريو هاڻي جيڪو کائينداسين ان جو ثواب امام اهلسنت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ۽ هر مسلمان مرد ۽ عورت کي پهچي يا هر ڀيري سڀني کي ايصالِ ثواب ڪيو وڃي ۽ اهوئي اَنۡسَب (يعني زياده مناسب) آهي۔ ياد رهي! ايصال ثواب رڳو انهيءَ صورت ۾ ٿي سگهندو جڏهن اهو کاڌو ڪنهن سٺي نيت سان کاڌو وڃي۔ مثال طور عبادت تي طاقت حاصل ڪرڻ جي نيت سان کاڌائين ته هي کائڻ ثواب جو ڪم ٿيو، ان جو ايصال ثواب ٿي سگهي ٿو۔ جيڪڏهن هڪ به سٺي نيت نه هوندي ته کاڌو کائڻ ته مباح ٿيندو پر ان تي نه ڪو ثواب ۽ نه ئي گناهه۔ ته جڏهن ثواب ئي نه مليو ته ايصالِ ثواب ڇا جو! البت ٻين کي ثواب جي نيت سان کارايو هوندائين ته انهيءَ کارائڻ جو ثواب ايصال ٿي سگهجي ٿو۔ 

(12) سٺين سٺين نيتن سان کائي ويندڙ کاڌي کان پهريان ايصال ثواب ڪيو يا کاڌي کان بعد، ٻنهي طرح درست آهي.

(13) ٿي سگھي ته هر ڏينهن (نفعي تي نه بلڪ) پنهنجي وڪري (Sale) جو چوٿائي فيصد (يعني چار سؤ روپين تي هڪ روپيو) ۽ ملازمت ڪرڻ واري پگهار مان هر مهيني گھٽ مان گھٽ هڪ فيصد سرڪار غوث اعظمرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي نياز جي لاءِ ڪڍندا ڪريو۔ ايصال ثواب جي نيت سان انهي رقم مان ديني ڪتاب ورهايو يا ڪنهن به نيڪ ڪم ۾خرچ ڪريو اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هن جون برڪتون پاڻ ئي ڏسندؤ۔

(14) مسجد يا مدرسي جو ٺاهڻ، صدقه جاريه ۽ ايصال ثواب جو بهترين ذريعو آهي۔

(15) ايصالِ ثواب صرف مسلمان کي ڪري سگھو ٿا، ڪافر يا مُرتَد کي ايصالِ ثواب ڪرڻ يا ان کي مرحوم، جنتي، خلد آشيان، مغفور، چوڻ ڪفر آهي۔