Book Name:Esal e Sawab Ki Barkatain

سُبْحٰنَ اللہ! هن مان اندازو لڳايو ته رحمت عالم، مڪي مدني سُلطان ايصالِ ثواب کي ڪيتري اهميت ڏيندا هئا. پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم کان هن ڳالھ تي باقاعده بيعت ورتي ته ميّت جي لاءِ سُورت فاتحه جي تلاوت ڪندا.

ڇا فوت ٿي ويلن کي ثواب پهچندو آهي؟

صحابي رسول حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: مون عرض ڪيو: يارسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تي قربان ٿين...!! اسان پنهنجي مري ويلن جي لاءِ صدقو ڪندا آهيون، انهن جي طرفان حج ڪندا آهيون، ڇا هي انهن تائين پهچندو آهي؟ فرمايائون: هائو! هي انهن تائين پهچندو آهي ۽ اهي هن(ايصال ثواب) تي ايئن خوش ٿيندا آهن، جيئن توهان (زندھ ماڻهو) تحفو ملڻ تي خوش ٿيندا آهيو.[1]   

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن اسان کي ڪو تحفو ڏيندو آهي ته اسان کي ڪيتري خوشي ٿيندي آهي. پياري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اهڙي ئي خوشي مري ويلن کي ان وقت ٿيندي آهي، جڏهن انهن کي ايصالِ ثواب جو تحفو پيش ڪيو ويندو آهي. هي ڪيتري پياري ڳالھ آهي، هاڻي ٿورو تصوُّر ڪيو! * اسان صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان کي ايصال ثواب ڪندا آهيون
* اولياءِ ڪرام کي ايصالِ ثواب جا نظرانا پيش ڪندا آهيون * حضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي ايصالِ ثواب ڪندا آهيون. * خواجه حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي نياز پچرائي ڪري ماڻهن ۾ تقسيم ڪري ان جو ثواب انهن تائين پهچائيندا آهيون. * اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ ايصالِ ثواب پيش ڪندا آهيون، اُن تي هي بزرگ ڪيترا خوش ٿيندا هوندا. ۽ هي اسان جو ايمان ۽ يقين آهي ته جنهن


 

 



[1] عمدۃ القاری، کتاب الوضو، جلد:2، صفحہ:599، زیرِ حدیث:216۔