Book Name:Esal e Sawab Ki Barkatain

گنهگارئي هجن، اَلحَمۡدُلله! کوڙ سارا نيڪ پرهيزگار به هوندا آهن بلڪ لکين اولياءِ ڪرام رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهم به ته مزارن ۾ آرام فرما آهن. بهرحال! مقصد صرف ايترو آهي ته اسان جي دل ۾ مري ويلن جي لاءِ رحمدلي هجڻ گهرجي، اسان جي دل ۾ اها تڙپ هجڻ گهرجي ته جيڪي مسلمان دنيا کان وڃي چڪا، انهن کي ويسارڻو ناهي، ياد رکڻو آهي. اولياءِ ڪرام ۽ نيڪ ماڻهن کي ياد رکنداسين ته انهن جو فيضان اسان کي نصيب ٿيندو ۽ عام مسلمانن کي ياد رکنداسين، انهن جي لاءِ نرم دل رکنداسين ته اسان کي به برڪتون ملنديون، انهن جو به ڀلو ٿيندو. الله پاڪ اسان تي ڪرم فرمائي، ڪاش! رَحْمَۃٌ لِّلْعَالَمِین
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو فيضان نصيب ٿي ۽ اسان زندھ ۽ مردن سڀني مسلمانن جي حق ۾ رحمدل ٿي وڃون. اٰمین بِجاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

فوت ٿي ويلن تي رحم جا طريقا

پيارا اسلامي ڀائرو!  اسان پنهنجي مري ويلن جي لاءِ ڇا ڇا ڪري سگهون ٿا؟ ڪهڙي انداز ۾ انهن کي فائدو پڄائي سگهون ٿا؟ قرآن و حديث ۾ ان جا 2 طريقا ٻڌايا ويا آهن:

(1)  دعاءِ مغفرت ڪندا ڪيو!

مري ويلن سان رحمدلي ڪرڻ جو پهريون طريقو هي آهي: دعاءِ مغفرت ڪرڻ. حديث پاڪ ۾ آهي: قبر ۾ مُردي جي حالت ٻڏندڙ انسان جيان آهي(يعني جيئن ٻڏڻ واري کي ڪک جو سهارو هوندو آهي، يعني هُو ننڍڙو ڪک به ڏسي وٺي ته وڏي اُمّيد سان ان کي پڪڙيندو آهي ته شايد هن ئي جي سهاري ٻڏڻ کان بچي وڃان، قبر ۾ مردي جي حالت به اهڙي ئي هوندي آهي) هُو شدت سان انتظار ڪندو آهي ته پيءُ يا ماءُ يا ڀاءَ يا ڪنهن دوست جي دعا ان کي پهچي ۽ جڏهن ڪنهن جي دعا ان تائين پڄندي آهي ته ان جي ويجهو اها دنيا ومَافِیْھا (يعني دنيا ۽ جيڪو ڪجھ ان