Book Name:Esal e Sawab Ki Barkatain

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم:  هفتيوار اجتماع

  پيارا اسلامي ڀائرو! سُنّت جو پابند بڻجڻ ۽ نيڪين جو جذبو ماڻڻ جي لاءِ دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان هر دم وابسته ٿي وڃو ديني ڪمن ۾ عملي طور شرڪت ڪيو اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هن جون کوڙ ساريون برڪتون حاصل ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار اجتماع به آهي. اوهان کان التجاء آهي * پابنديءَ سان هن ۾ شرڪت فرمايو* ديني اجتماع ۾ ويهڻ ۽ ذڪر ڪرڻ وارن جو پنهنجو ته ڇا شان هوندو! حديث شريف جي مطابق جيڪو انهن وٽ ويهي رهي، اهو به بدبخت ناهي رهندو.[1]

* اَلحَمۡدُلله! هفته وار اجتماع ۾ ذڪر ٿيندو آهي * علم دين به سکڻ جي لاءِ ملندو آهي * نيڪ صحبت ۾ ويهڻ ۽ * مسجد ۾ وقت گذارڻ نصيب ٿيندو آهي * هڪ اهم برڪت اها آهي ته ديني اجتماع جي لاءِ وڃڻ به راھ خدا ۾ نڪرڻ آهي، هفته وار اجتماع ۾ تشريف کڻي ايندا ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! گهر مان نڪرڻ کان وٺي ڪري واپس موٽڻ تائين سڄو وقت راھ خدا ۾ شامل ٿيندو.

هر جمعرات پابندي سان هفتيوار اجتماع ۾ اوّل کان آخر شرڪت جي نيّت ڪيو!

ڌاڙيل جي توبه

  ڪراچي ۾ هڪ هنڌ امير اهل سُنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو بيان هو، هڪ اسلامي ڀاءُ اُن اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ جي لاءِ نڪتو، جيئن هُو هڪ سوڙهي ۽ اونداهي گهٽي ۾ پهتو ته هڪ ڌاڙيل سندس ڳلي تي خنجر رکي چيو: جيڪو ڪجھ اٿئي، ڪڍي ڇڏ. اُن اسلامي ڀاءَ نهايت نرمي سان چيو: جيڪو اوهان کي ملي کڻي وٺو، ڌاڙيل کيسن جي تلاشي ورتي، ڪنهن کيسي مان عطر جي شيشي، ته ڪنهن مان تسبيح نڪتي. ڌاڙيل ڪاوڙ ۾ اچي ڪري چيو: ڪٿي


 

 



[1] مسلم،کتاب الذکر و الدعاء...الخ، باب فضل مجالس الذکر، صفحہ:1037، حدیث:2689۔