Book Name:Esal e Sawab Ki Barkatain

* گهٽين ۾ * ديوارن جي سامهون پيشاب ڪندا آهن، هن بيشرمي واري ڪم ۾ جتي ٻيون کوڙ برائيون آهن، اُتي پيشاب جي ڇنڊن کان پاڻ کي بچائڻ به نهايت مشڪل هوندو آهي ۽ عام طور ايئن ڪرڻ وارا پاڻ کي ناپاڪ ڇنڊڻ کان بچائڻ جو لحاظ به ناهن ڪندا * ڪيئي دفعا W.C (يعني واش روم ۾ ويهڻ جي سيٽ) گهٽ گِهري لڳائي ويندي آهي، ان صورت ۾ به خصوصاً پيرن کي ناپاڪ ڇنڊن کان بچائڻ مشڪل ٿيندو آهي، جيڪي پاڪائي ناپاڪائي جا احڪام نٿا ڄاڻين يا جيڪي نماز جا عادي ناهن، انهن جي عموماً هن طرف توجھ به ناهي ويندي، واش روم ڪرڻ کان بعد هٿ ته ڌوئيندا ئي آهيون پر پير ناپاڪ ئي رهجي ويندا آهن* بلڪه هاڻي ته بيهي ڪري پيشاب ڪرڻ جو رجحان وڌي رهيو آهي، خاص ڪري ايئرپورٽ ۽ ٻين ڪيئي هنڌن تي بيهي ڪري پيشاب ڪرڻ جو انتظان هوندو آهي، هن صورت ۾ به جسم ۽ ڪپڙن کي پيشاب جي ناپاڪ ڇنڊن کان بچائڻ سخت مشڪل ڪم آهي. ياد رکو! پاڻ کي پيشاب جي ڇنڊن کان نه بچائڻ گناھ آهي، غيب ڄاڻڻ واري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: پيشاب کان بچو! عام طور تي عذابِ قبر انهيءَ ڪري ٿيندو آهي.[1]  

قبر جي عذاب جا ٽي بنيادي سبب

حضرت قَتاده رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته قبر جي عذاب کي 3 حِصّن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي (1): هڪ ٽهائي عذاب غيبت جي ڪري(2) هڪ ٽهائي عذاب چغلي جي ڪري (3) ۽ هڪ ٽهائي عذاب پيشاب(جي ڇنڊن کان پاڻ کي نه بچائڻ) جي ڪري ٿيندو آهي.[2]

الله پاڪ اسان کي انهن ٽنهي بلڪه هرقسم جي گناھ کان بچڻ جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم


 

 



[1] سنن الدار قطنی، کتاب الطہارۃ، جلد:1، صفحہ:98، حدیث:458۔

[2] موسوعۃ ابن ابی الدنیا، کتاب:الغيبة والنميمة، جلد:4، صفحہ:355، حدیث:52۔