Book Name:Esal e Sawab Ki Barkatain

هڪ مسئلي جي وضاحت

خيال رهي! شرعي مسئلو آهي ته جيڪڏهن ميت جو ولِيۡ(يعني نهايت ويجهو رشتيدار جيئن پيءُ يا پٽ وغيره) جنازي ۾ شريڪ نه ٿي سگهي ته ان جي لاءِ اجازت آهي ته ٽي ڏينهن کان پهريان پهريان قبر تي وڃي ڪري نمازِجنازه پڙهي سگهي ٿو. اسان جا آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ته هر مسلمان جي سندن جان کان به وڌيڪ مالڪ آهن، انهيءَ ڪري پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان صحابيه جي قبر تي نمازِ جنازه ادا فرمائي.[1]

فوت ٿي ويلن تي رحم ڪيو!

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي به هن اداءِ مصطفيٰ کي اپنائڻ گهرجي، هن دنيا ۾ ته اسان هڪٻئي تي رحم ڪندا ئي آهيون* ڪو بکايل نظر اچي وڃي ته اسان کي هن تي رحم اچي ويندو آهي* اُڃايلن کي پاڻي پياريندا ئي آهيون* ڪنهن ڏکياري کي ڏسي ڪري سندس ڏک پري نه به ڪري سگهون ته تسلي وارا ڪجھ جملا چئي وٺندا آهيون. هي به چڱي ڳالھ آهي پر ياد رکو! اسان جا اهي دوست * رشتيدار* اسان جي ڄاڻ سڃاڻڻ وارا * بلڪه اسان جا سڀئي مسلمان ڀائر جيڪي هن دنيا کان هليا ويا، قبر ۾ لهي ويا، اهي اسان جي رحمدلي جا وڌيڪ حقدار آهن. علامه اسماعيل حقي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: مري ويلن خاص ڪري مرحوم والدين ۽ استادن جي حق ۾ رحمدل هجڻ مسلمانن تي لازم ۽ ضروري آهي.[2]

جانے والوں سے رابطہ رکھنا                                                               دوستو رَسْمِ فاتحہ رکھنا

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                           صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

اي عاشقانِ رسول! هي ضروري ناهي ته جيڪي قبر ۾ لهن، اهي سڀئي


 

 



[1] فتاوٰی رضویہ، جلد:9، صفحہ:291 ملخصاً۔

[2] روح البیان، پارہ:28، سورۂ حشر، زیرِ آیت: 10، جلد:9، صفحہ:433۔