Book Name:Esal e Sawab Ki Barkatain

ڏسندا آهن، ڇھ جون ڇھ سمتون (يعني ساڄي، کاٻي، مٿي، هيٺ، اڳيا، پويان) پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي لاءِ ايئن آهن جيئن عام اک جي لاءِ سامهون جي سمت هوندي آهي ۽ هي ايئن ناهي جو ڪنهن خاص وقت هوندو آهي بلڪه ڏينهن رات، هر وقت، هر گھڙي پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نگاهِ پاڪ جو اهو ئي ڪمال آهي. جيڪڏهن ان جو دليل ڏسڻو آهي ته سيپاري: 27، سوره وَالنَّجۡم پڙهو، الله پاڪ هن سورت ۾ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڏسڻ جي قوت جو ڪمال بيان فرمايو آهي.

تُون زندهه آهين

پيارا اسلامي ڀائرو! هتي هي هڪ ڳالھ به نهايت ايمان اَفروز آهي ته جڏهن پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هن ظاهري دنيا ۾ تشريف فرما هئا، عالمِ برزخ  ڏسي وٺندا هئا ته غور فرمايو! هاڻي اسان ظاهري دنيا ۾ آهيون ۽ اسان جا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  عالمِ برزخ ۾ تشريف فرما آهن، جيڪڏهن پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هن دنيا ۾ رهي ڪري عالمِ برزخ کي ڏسي سگهن ٿا ته عالمِ برزخ ۾ رهي ڪري اسان غلامن کي ڇونه ڏسي سگهندا. يقيناً پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي شان هر گهڙي وڌي رهي، پاڻ جيئن دنيا ۾ رهي ڪري برزخ کي ڏسندا هئا، ايئن ئي عالمِ برزخ ۾ رهي ڪري اسان غلامن کي به ڏسي رهيا آهن.

تُم کو عِلْمِ غَیب مولا نے عطا فرما دیا                                                                      کر دیا ہر جَا پہ حاضِر اور نَاظِر یانبی! ([1])

 (2   )   ٻه  خطرناڪ گناھ

پيارا اسلامي ڀائرو! هن حديث شريف مان اسان کي اهو به سکڻ جي لاءِ مليو ته چغلي ۽ پيشاب جي ڇنڊن کان نه بچڻ تمام خطرناڪ گناھ آهن. انهن ئي گناهن جي سبب انهن مُردن کي عذاب ٿي رهيو هو ۽ پياري پياري آقا،


 

 



[1]...وسائلِ بخشش،صفحہ:378۔