Book Name:Esal e Sawab Ki Barkatain

کي پهچي. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ثواب پهچي ويندو. وڌيڪ جن جن جي نيت ڪندا انهن کي به پهچندو. دل ۾ نيت هئڻ سان گڏوگڏ زبان سان چئي ڇڏڻ به بهتر آهي. هاڻي جيڪڏهن اسان اهو ننڍڙو ڪم ڪري ورتو ته ملندو ڇا؟ بهار شريعت ۾ آهي ته: ايصال ثواب ڪرڻ واري جي ثواب ۾ ڪا به گهٽتائي واقع ناهي ٿيندي، بلڪ اها اميد آهي ته ان جيترن کي ايصال ثواب ڪيو انهن سڀني جي مجموعي جي برابر هن(ايصال ثواب ڪرڻ واري) کي ثواب ملندو. مثلاً ڪو نيڪ ڪم ڪيو جنهن تي ان کي 10 نيڪيون مليون هاڻي ان 10 مُردن کي ايصالِ ثواب ڪيو ته هرهڪ کي 10، 10 نيڪيون پهچنديون جڏهن ته ايصالِ ثواب ڪرڻ واري کي 110 ۽ جيڪڏهن 1 هزار کي ايصالِ ثواب ڪيو ته ان کي 10 هزار 10. (نيڪيون هن ايصال ثواب ڪرڻ واري کي ملنديون)[1]

 سُبْحٰنَ اللہ!  ڪيترو آسان ڪم آهي، اسان سست ماڻهو آهيون، گهڻيون نيڪيون ته ڪيون نٿيون وڃن، آسان طريقو ملي ويو، جيڪا به نيڪي ڪيون، ان جو ثواب حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام کان وٺي قيامت تائين اچڻ وارن مسلمانن کي پهچايون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! الله پاڪ جي رحمت مان اُمّيد آهي ته اها هڪ نيڪي اربين کربين ڀيرا وڌيڪ ٿي ويندي. لهٰذا اسان کي وڌيڪ نه ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو سڄي ڏينهن جون تمام نيڪيون تمام مسلمانن کي ايصال ثواب ڪرڻ جي عادت بڻائڻ گهرجي. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ثواب جو ڍير لڳي ويندو.  

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

والدين کي ايصالِ ثواب لازمي ڪيو!

   پيارا اسلامي ڀائرو! سڀني مسلمانن کي ئي ايصالِ ثواب ڪري سگهو ٿا ۽ ڪرڻ به گهرجي، البته! پنهنجي والدين کي ايصالِ ثواب ڪرڻ، جيڪڏهن وفات ڪري ويا آهن ته سندن قبر تي وڃڻ نهايت ضروري آهي. اهو به والدين جي


 

 



[1] بہارشریعت، جلد:1، صفحہ:850، حصہ:4۔