Book Name:Esal e Sawab Ki Barkatain

جي وڌيڪ ضرورت آهي ڇوته اهي دنيا کان وڃي چڪا آهن، انهن جي نيڪين جو سلسلو ختم ٿي چڪو، تنهنڪري انهن کي بطورِ خاص ۽ بطور عام سڀني مسلمانن کي ايصالِ ثواب ڪندي رهڻ جي عادت بڻائڻ گهرجي.

ايصالِ ثواب جو مطالبو

اعلٰي حضرت امام اهل سُنت اِمام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: منقول آهي ته مومن جا روح * هر شبِ جُمعه(يعني جُمعرات ۽ جمعي جي وچين رات) * عيد جي ڏينهن * عاشورا جي ڏينهن * ۽ شبّ برات تي پنهنجي گهر اچي ڪري ٻاهر بيهي رهندا آهن ۽ هر روح غمناڪ ٿي بُلند آواز سان پڪاري چوندو آهي ته اي منهنجي گهر وارؤ! اي منهنجي اولاد! اي منهنجا رشتيدارو! (اسان جي ايصالِ ثواب جي نيت سان) صدقو (خيرات) ڪري اسان تي مهرباني ڪيو.[1]

ہے کون کہ گِریہ کرے یا فاتِحہ کو آئے

بے کس کے اُٹھائے تِری رَحمت کے بَھرَن پھول([2])

ايصالِ ثواب جي ترغيب

   پيارا اسلامي ڀائرو! ايصالِ ثواب بلڪل جائز بلڪ نيڪي جو ڪم آهي. روايتن ۾ آهي: سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ميت جي لاءِ ايصالِ ثواب جي ترغيب ڏياريندا هئا.[3]  هڪ صحابيه رَضِىَ اللهُ عَنْها جن کي بنتِ عَفِيف چيو ويندو هو، اها فرمائي ٿي: اسان جڏهن بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿياسين ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان کان هن ڳالھ تي بيعت ورتي ته اسان پنهنجي مري ويلن جي لاءِ فاتحه پڙهنداسين.[4]


 

 



[1]...فتاویٰ رضویہ،جلد:9، صفحہ:650۔

[2]... حدائقِ بخشش، صفحہ:79۔

[3] کشف الغمہ،کتاب الجنائز، فرع فی انتفاع المیت بالقران...الخ، جز:1، صفحہ:207ماخوذاً

[4] الاحاد والمثانی لابن ابی عاصم، جلد:6، صفحہ:94، حدیث:3307۔