Book Name:Esal e Sawab Ki Barkatain

ايصالِ ثواب اداءِ مصطفيٰ آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! اَلحَمۡدُلله! پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي پنهنجي اُمت کان تمام گهڻو پيار آهي، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اُمّت کي ايصالِ ثواب فرمايو. حديثِ پاڪ ۾ آهي: پياري نبي، رسول هاشميصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  ٻه دنبا ذبح ڪيا، هڪ جو ثواب سڄي امت کي پهچايو ۽ ٻيو پنهنجي ۽ پنهنجي اهل بيت جي لاءِ ذبح فرمايو.[1]

مغفرت جو هڪ سبب

 پيارا اسلامي ڀائرو! ڇوته رسول ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم    کي پنهنجي اُمت کان بي پناھ پيار آهي. لهٰذا جيڪو شخص امت مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بلخصوص قبر ۾ لهڻ واري اُمّتي کي فائدو پهچائيندو آهي، پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ان کان گهڻو خوش ٿيندا آهن. جيئن ته وڏا ولي ڪامل، حضرت مالڪ بن دينا رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  بيان ڪن ٿا ته مان جمعي جي رات قبرستان ۾ ويس ڏٺو ته اُتي هڪ نور چمڪي رهيو آهي، مون چيو: لَا اِلٰہَ اِلَّااللہ...! ايئن لڳي ٿو ته الله پاڪ قبرستان وارن جي مغفرت فرمائي ڇڏي آهي. ايتري ۾ مونکي پري کان هڪ غيبي آواز آيو: ڪو چئي رهيو هو: اي مالڪ بن دينار! هي مسلمانن جو پنهنجي مري ويل ڀائرن جي لاءِ تحفو آهي. مون چيو: توکي ان جو واسطو جنهن توکي ڳالهائڻ جي طاقت عطا فرمائي آهي! ڇا تون مون کي ٻڌائي سگهين ٿو ته هي ڇا ماجرو آهي؟ ان چيو: اڄ رات هڪ مسلمان اٿي ڪري وضو ڪيو ۽ ٻه رڪعت نماز پڙهي جنهن ۾ ان سورت فاتحه کان پوءِ قُلْ یٰۤاَیُّهَا الْكٰفِرُوْنَ ۽ قُلْ هُوَ اللّٰهُ اَحَدٌ جي تلاوت ڪئي پوءِ دعا ڪئي: اي الله پاڪ! مان ان جو ثواب مسلمان مُردن کي پيش ڪيان ٿو. سو الله پاڪ اسان تي اوڀر ۽ اولهه ۾ روشني ۽ نور ۽ خوشي ۽ سرور داخل فرمائي ڇڏيو. حضرت مالڪ بن دينار رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه


 

 



[1] ابن ماجہ، کتاب الاضاحی، باب اضاحی رسول اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم، صفحہ:509، حدیث:3222۔