Book Name:Esal e Sawab Ki Barkatain

ڪلام آساني سان ڳولهي سگهجي ٿو * ڪلام کي فروي m3 ڊائون لوڊ ڪرڻ جي سهولت به موجود آهي. * پسنديده ڪلام کي نشان لڳائي ڪري باربار ٻڌي سگهجي ٿو. * پنهنجي پسنديده ڪلام کي مائي ڪليڪشن فيچر ۾ محفوظ ڪري سگهو ٿا جڏهن ته ڪلام يا شعر کي ڪاپي ڪري واٽس اپ، فيس بڪ، ٽويٽر وغير تي آساني سان شيئر ڪري سگهجي ٿو. هن ايپ کي پاڻ ڊائون لوڊ ڪيو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.

   صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                               صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي ايصال ثواب بابت ڪجهه مدني گل پيش ڪيان ٿو.

  ايصال ثواب جا  مدني گل

شيخِ طريقت اَمِيرِ اهلسنّت، حضرتِ علّامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطّار قادِري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ لکن ٿا

(1) ايصالِ ثواب جي لفظي معنى آهي؛ ”ثواب پهچائڻ“ هن کي ”ثواب بخشڻ“ به چئبو آهي، پر بزرگن جي لاءِ ”ثواب بخشڻ“ چوڻ مناسب نه آهي، ”ثواب نذر ڪرڻ“ چوڻ ادب جي وڌيڪ ويجھو آهي۔

(2) *فرض، *واجب، *سنت، * نفل، * نماز، * روزو، *زڪوٰة، *حج، *نعت شريف، *ذڪرالله، *درود شريف، *بيان، *درس، *مدني قافلن ۾ سفر، *علاقائي دورو * ديني ڪتابن جو مطالعو * نيڪي جي دعوت وغيره هر نيڪ ڪم جو ايصالِ ثواب ڪري سگھو ٿا۔

(3) ميّت جو *ٽيجھو، *ڏهو، * چاليهو، * ۽ ورسي ڪرڻ تمام سٺا ڪم آهن ڇوته اهي ايصال ثواب جا ئي ذريعا آهن

(4) ٽيجهي جي ماني ڇو ته عام طور تي دعوت جي صورت ۾ ٿيندي آهي ان ڪري اميرن لاءِ جائز نه آهي رڳو غريب ۽ مسڪين کائن، ٽن ڏينهن کان پوءِ به