Book Name:Esal e Sawab Ki Barkatain

اَلۡـحَـمۡـدُ لِـلّٰـہِ رَبِّ الۡـعٰـلَـمِیۡنَ وَ الـصَّـلٰـوۃُ وَ الـسَّـلَامُ عَـلٰی سَـیِّـدِ الۡـمُـرۡ سَـلِـیۡنَ

اَمَّـا بَــعۡـدُ فَـاَعُـوۡذُ بِـا لـلّٰـہِ مِـنَ الـشَّـیۡـطٰنِ الـرَّجِیۡمِؕ بِـسۡمِ الـلّٰـہِ الـرَّحۡـمٰنِ الـرَّحِـیۡمِؕ

وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه                                                                                                            اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه

وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا نُوۡرَ اللّٰه                                                                                                                        اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

درودِ پاڪ جي فضيلت

هڪ عورت جو پٽ هو جيڪو تمام گھڻو گناهگار هو۔ ماءُ پنهنجي هن پٽ کي نيڪي جو حڪم ڏيندي هئي، بي حيائي ۽ بُرن ڪمن کان منع ڪندي هئي پر اهو باز نه ايندو هو. آخرڪار تقدير ان تي غالب آئي ۽ اهو نوجوان بغير توبه جي مري ويو۔ ان جي ماءُ کي تمام گھڻو صدمو رسيو هن ڳالهه تي جو ان جو پٽ بغير توبه جي مري ويو۔ ان ماءُ تمنا ڪئي ته پنهنجي پٽ کي خواب ۾ ڏسي۔ هڪ دفعي ان خواب ۾ پنهنجي پٽ کي عذاب ۾ مبتلا ڏٺو ته اها ڏاڍي غمگين ٿي وئي۔ جڏهن ڪجھ مدت کان پوءِ ان ٻيهر پنهنجي پٽ کي خواب ۾ ڏٺو ته ان جي حالت تمام سٺي هئي ۽ اهو خوش پاش هو۔ ان پنهنجي پٽ کان ان حالت بابت پڇيو ته اي منهنجا پٽ! مون ته تو کي عذاب ۾ مبتلا ڏٺو هو، هاڻي اهو مرتبو ۽ مقام ڪيئن مليو؟ ته ان جواب ڏنو: اي منهنجي ماءُ! هڪ گنهگار شخص اسان جي قبرستان مان گذريو، ان قبرن ڏانهن ڏٺو ۽ ٻيهر زنده اٿارڻ جي باري ۾ غوروفڪر ڪيو۔ مُردن کان نصيحت حاصل ڪئي، پنهنجي خطائن تي رُنو ۽ پنهنجي خطائن تي شرمسار ٿيندي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ سچي توبه ڪيائين ۽ عهد ڪيائين ته هاڻي اهو ڪڏهن به گناهن ڏانهن نه موٽندو۔ سو ان جي توبه سبب آسمان جا ملائڪ گھڻا خوش ٿيا ۽ چوڻ لڳا: سُبحٰن الله! هن شخص پنهنجي رب سان ڪهڙي نه بهترين صُلح ڪئي آهي۔ الله پاڪ ان جي توبه قبول فرمائي۔ ان کان بعد ان ڪجھ قرآنِ ڪريم پڙھيو ۽