Book Name:Esal e Sawab Ki Barkatain

(3) پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مري ويلن تي رحمت

پيارا اسلامي ڀائرو! هن حديث پاڪ مان ٽيون ۽ نهايت اهم سبق جيڪو اسان کي سکڻ جي لاءِ مليو اهو آهي اسان جي پياري آقا و موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي مري ويلن سان رحمدلي ۽ شفقت...!! اَلحَمۡدُلله! اسان جا آقا، رسولِ خُدا، احمد مجتبيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تمام جهانن جي لاءِ رحمت آهن. الله پاڪ فرمائي ٿو: 

وَ مَاۤ  اَرْسَلْنٰکَ اِلَّا رَحْمَۃً  لِّلْعٰلَمِیْنَ (۱۰۷)

ترجَموڪنزُالعرفان: ۽ اسان اوهان کي تمام جهانن جي لاءِ رَحمت بڻائي ئي موڪليو.

(پارہ:17، اَلانبیا:107)

    جڏهن پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تمام جهانن جي لاءِ رحمت آهن ته يقيناً سندن عالمِ برزخ وارن جي لاءِ به رحمت آهن. انهي ڪري ته جڏهن پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم قبر ۾ انهن مُردن کي عذاب ٿيندي ڏٺو ته رحمتِ عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي گوارا نه ٿيو، فوراً عذاب ۾ ڪمي جو سامان فرمايو، 2 ٽاريون گهرايون ۽ قبرن تي رکي ڇڏيون ۽ حڪمت اها ٻڌائي ته جيستائين هي ٽاريون آليون رهنديون (تسبيح ڪنديون رهنديون، ان تسبيح جي برڪت سان) عذاب ۾ ڪمي ٿيندي رهندي.[1] 

            علامه اِبۡن حجر عسقلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هي واقعو صرف هڪ ڀيرو نه ٿيو، اسان کي حديثن ۾ انهي طرح جا ٻيا کوڙ واقعا به ملن ٿا، مثلاً هڪ ڀيرو پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪٿي سفر تي هئا، صحابي رسول حضرت جابر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ به گڏ هئا، پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ هنڌ رڪيا ۽ حضرت جابر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان 2 ٽاريون گهرايون، انهن کي 2 مختلف هنڌن تي لڳائي ڇڏيو، حضرت جابر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ هن باري ۾ پڇيو ته فرمايائون: مون ٻه قبرون ڏٺيون، انهن ۾ عذاب ٿي رهيو هو، لهٰذا مون چاهيو ته منهنجي شفاعت


 

 



[1] بخاری، کتاب الجنائز، باب الجرید علی القبر، صفحہ:381، حدیث:1361۔