Book Name:Esal e Sawab Ki Barkatain

وڃي رهيا آهيو؟ اسلامي ڀاءَ نهايت ئي نرمي سان چيو: اسان جي شيخ طريقت، امير اهل سُنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو بيان آهي، ان ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ وڃان پيو. اِهو ٻڌي ڪري ڌاڙيل خاموش ٿي ويو، خاموشي جو فائدو وٺندي ان اسلام ڀاءَ کيس نيڪي جي دعوت ڏيندي چيو: اوهان به اسان سان گڏ اجتماع ۾ هلو! آهسته لهجي ۽ نرم آواز ۾ ڏنل مخلصانه دعوت يڪدم اثر ڏيکاريو، ڌاڙيل چيو: هلو مان به هلان ٿو. اجتماع ۾ پهچي ڪري امير اهل سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي زيارت ڪيائين، بيان ٻڌو، اجتماع کان پوءِ ان ڌاڙيل نيڪي جي دعوت ڏيڻ واري اُن اسلامي ڀاءَ کي خنجر پيش ڪندي چيو: هي اوهان رکي ڇڏيو، هاڻي مون کي هن جي ضرورت ناهي ڇوته مان پنهنجي گناهن کان سچي توبه ڪري امير اهل سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ذريعي غوث اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو مريد ۽ عطاري بڻجي ويو آهيان.    

چور ڈاکو آؤندے نیں نَمازی بن جاندے نیں

مِٹھا مُرشِدْ ویکھو تقدیراں اے سنوار دا             عاشِق لندن پیرس دے حاجی بن جاندے نیں

میرا پیر میرا پیر میرا پیر میرا پیر

 ”نعت ڪوليڪشن “(Naat Collection) موبائل ايپلي ڪيشن

  اي عاشقانِ رسول! اڄ ٽيڪنالوجي جو دور آهي. اَلحَمۡدُلله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي اسمارٽ فون جي ذريعي به علمِ دين عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن حوالي سان دعوتِ اسلامي جي I.T ڊيپارٽمنٽ جي طرفان هڪ ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي: جنهن جو نالو آهي: Naat Collection (نعت ڪليڪشن). * هن ايپلي ڪيشن ۾ اعليٰ حضرت، شهزادگانِ اعليٰ حضرت، برادرِ اعليٰ حضرت، خليفه اعليٰ حضرت، مفتي احمديارخان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهم ۽ امير اهل سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ڪلام کي شامل ڪيو ويو آهي * هر ڪلام جي مجموعي ۾ ڪلامن کي حرف تهجي ۽ رديف جي ترتيب تي ڏسي سگهجي ٿو جڏهن ته سرچ بار مان پنهنجو مطلوبه