Book Name:Esal e Sawab Ki Barkatain

آهي * دنيا جي محبت دل مان نڪرندي آهي * ۽ توبه جي طرف دل مائل ٿيندي آهي، انهي ڪري اسان کي گهرجي ته وقتاً فوقتاً قبرستان ويندا رهون، اُتي ڪجھ دير ويهي ڪري قبر جي احوال ۽ قيامت جي ڏينهن قبرن مان اٿڻ جي باري ۾ غور ڪيون. ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! * دل روشن ٿيندي * گناهن کان نفرت * ۽ نيڪين جي محبت نصيب ٿيندي * هن واقعي مان هڪ اهم ڳالھ اها به سکڻ جي لاءِ ملي ته اسان جو جڏهن به قبرستان جي ويجهو گذر ٿي* ڪجھ تلاوت ڪري * درود پاڪ پڙهي ڪري* ڪجھ ذڪر اذڪار ڪري قبرستان وارن کي ايصالِ ثواب ڪندا ڪيون. هن جون جيڪي برڪتون اسان کي ملنديون، اهي ته ملنديون ئي، ڪهڙي خبر اسان جي هن ايصالِ ثواب جي برڪت سان اُنهن اَهلِ قبرستان وارن کي ڪهڙا ڪهڙا فائدا ملي وڃن. الله پاڪ اسان کي ڪثرت سان درود پاڪ پڙهڻ ۽ ان جو ثواب تمام مسلمانن کي پهچائيندي رهڻ جي توفيق نصيب فرمائي.

 اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

  بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديث پاڪ ۾ آهي:  اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات عملن جو دارومدار نيتن تي آهي. ([1])

اي عاشقانِ رسول! سٺي نيت افضل ترين عمل آهي، بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪيو نگاهون هيٺ ڪري بيان ٻڌندس، علمِ دين جي تعظيم جي نيت سان جيتري دير ٿي سگهيو گوڏن ڀر يعني التَّحِيَّات ۾ ويهڻ جيان ويهندس، ضرورتًا سرڪي ٻين جي لاءِ جاءِ ڪشادي ڪندس، ڌڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي مسلمانن کي سلام ڪندس، هٿ ملائيندس ۽ انفرادي ڪوشش ڪري نيڪيءَ جي


 

 



[1]...بخاری، کِتَاب بَدءُ الْوَحی، صفحہ:65، حدیث:1۔