Book Name:Esal e Sawab Ki Barkatain

دعوت پيش ڪندس. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!

قبر تي آلي ٽاري رکڻ جي برڪت

بخاري شريف ۾ آهي، سُلطانُ المُفسّرين حضرت عبدالله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْهما فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻن قبرن جي ڀرسان گذريا، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 2 قبرون ڏسي، فرمايائون: هنن ٻنهي قبر وارن تي عذاب ٿي رهيو آهي ۽ عذاب به ڪنهن وڏي گناھ جي سبب ناهي ٿي رهيو(يعني هي جنهن گناھ ۾ مبتلا هئا، اهي اهڙا نه هئا جو جنهن کان بچڻ مشڪل هجي،) * هنن مان هڪ پيشاب جي ڇنڊن کان نه بچندو هو * ۽ ٻيو چغل خور هو.  پوءِ پياري آقا، محبوبِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  آلي ٽاري کنئي، ان جا ٻه حصا ڪيا، هڪ حصو هڪ قبر تي ۽ ٻيو حصو ٻي قبر تي لڳائي ڇڏيو، صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم ان جي حڪمت پڇي ته فرمايائون: لَعَلَّهُ اَنْ يُخَفَّفَ عَنْهُمَا مَا لَمْ يَيْبَسَا اُميد آهي ته جيستائين ٽاريون نه سڪنديون، انهن مُردن جي عذاب ۾ گهٽتائي رهندي.[1]

شَدائد نَزع کے کیسے سَہوں گا یارسولَ اللہ!

برائے نام دردِ سر سہا جاتا نہیں مجھ سے

یہاں چِیونٹی بھی تڑپا دے مجھے تو قبر کے اندر                                   اندھیری قبر میں کیسے رہوں گا یارسولَ اللہ!

عذابِ قبر کیسے سہ سکوں گا یارسولَ اللہ!

میں کیونکر ڈنک بچھّو کے سہوں گا یارسولَ اللہ! ([2])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

حديث پاڪ مان ملڻ وارا سبقَ

پيارا اسلامي ڀائرو! هن حديث پاڪ مان اسان کي کوڙا سارا سبق سکڻ جي لاءِ ملن ٿا:


 

 



[1] بخاری، کتاب الجنائز، باب الجرید علی القبر، صفحہ:381، حدیث:1361

[2]...وسائلِ بخشش، صفحہ:322، 323 ملتقطاً۔