Book Name:Esal e Sawab Ki Barkatain

رحمتون ورهائڻ واري آقا، ڪرم فرمائڻ واري مصطفيٰ صَلَّي اللّٰه عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي ويھ (20) ڀيرا دُرودِ پاڪ پڙھيو ۽ ان جو ثواب اسان سڀني قبرستان وارن کي پهچايو۔ ان جو ثواب اسان تي ورهايو ويو ته مون کي به ان مان ڀلائي ملي، جنهن سبب الله پاڪ مون کي بخشي ڇڏيو ۽ مون کي اهو مقام عطا ڪيو ويو جيڪو اوهان ڏسي رهيا آهيو. پٽ وڌيڪ چيو: امڙ سائڻ! رسول ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي درود پاڪ پڙهڻ دلين جو نور، گناهن جو ڪفارو ۽ زندھ ۽ مرده جي لاءِ رحمت آهي.[1]

ذات والا پہ بار بار درود                                                                                                       بار بار اور بے شمار درود

بے عدد اور بے عدد تسلیم                                                                                      بے شمار اور بے شمار درود

قبر میں خوب کام آتی ہے                                                                                        بیکسوں کی ہے یارِ غار درود([2])

 پيارا اسلامي ڀائرو! هن ايمان اَفروز واقعي مان اسان کي کوڙ سارا سبق سکڻ جي لاءِ ملن ٿا، مثال طور هن مان اهو سبق مليو ته توبه ۾ ڪڏهن به ٽال مٽول نه ڪرڻ گهرجي، ڪهڙي خبر ڪڏهن موت اچي وڃي، ڪڏهن روح قبض ڪيو وڃي، الله نه ڪري جيڪڏهن بغير توبه جي موت جي منهن ۾ هليا وياسين ته عذاب ۾ گرفتار ٿي سگهون ٿا. انهيءَ ڪري اسان کي گهرجي ته گناهن کان بچندا رهون ۽ سچي دل سان توبه ڪندا رهون.

مت گناہوں پہ ہو بھائی بے باک تُو                                      بھول مت یہ حقیقت کہ ہے خاک تُو

تھام لے دامنِ شاہِ لولاک تُو                                                                      سچّی تَوبہ سے ہو جائے گا پاک تُو([3])

وڌيڪ هن واقعي مان اهو به معلوم ٿيو ته قبرستان وڃڻ، قبرن جي ويراني ۽ سُنسان ماحول ڏسي ڪري * آخرت جي ياد ايندي آهي * دل چوٽ کائيندي


 

 



[1] الروض الفائق، اَلْمَجْلِسُ الْاَوَّل فِی فِضْل الْصَّلاة ِعَلی الْنَّبِی صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم ...الخ، صفحہ:8۔

[2]... ذوقِ نعت، صفحہ:123تا125 ملتقطاً۔

[3]... وسائلِ بخشش، صفحہ:656۔