Book Name:Esal e Sawab Ki Barkatain

بيشمار حقن مان هڪ حق آهي. هن ضمن ۾ 5 فرامينِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌو: (1)  ثواب جي نيت سان والدين جي قبر جي زيارت ڪرڻ واري کي مقبول حج جي برابر ثواب ملندو ۽ ڪثرت سان انهن جي قبرن جي زيارت ڪرڻ واري  (جي فوت ٿيڻ کان بعد ان) جي قبر جي زيارت ڪرڻ جي لاءِ ملائڪ ايندا.[1]

(2)؛ جيڪو پنهنجي والدين جي طرفان حج ڪندو ته اُن (يعني ماءُ يا پيءُ) جي طرفان حج ادا ٿي ويندو ۽ حج ڪرڻ واري کي وڌيڪ 10 حج جو ثواب ملندو.[2]

   سُبْحٰنَ اللہ! جڏهن به نفلي حج جي سعادت حاصل ٿئي ته مري ويل ماءُ يا پيءُ جي نيّت ڪري وٺو ته جيئن ان کي به حج جو ثواب ملي، اوهان جو به حج ٿي وڃي بلڪ وڌيڪ 10 حج جو ثواب هٿ اچي. جيڪڏهن والدين مان ڪو هن حال ۾ مري ويو ته اُن تي حج فرض ٿي وڃڻ جي باوجود اهو نه ڪري سگهيو هو ته هاڻي اولاد کي حجِ بدل جو شرف حاصل ڪرڻ گهرجي. ”حج بدل“ جا تفصيلي احڪام ڄاڻڻ جي لاءِ امير اهل سنت محمد الياس عطار قادري رضويدَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ڪتاب رفيق الحرمين صفحو: 208 کان 214 جو مطالعو فرمايو.

(3) فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي! جڏهن توهان مان ڪو ڪجھ نفلي خيرات ڪري ته ان گهرجي ته پنهنجي والدين جي طرفان ڪري جو ان جو ثواب انهن کي ملندو ۽ ان جي(يعني خيرات ڪرڻ واري جي) ثواب ۾ ڪا ڪمي به نه ايندي.[3] (4) هڪ روايت ۾ فرمايو: ٻانهو جڏهن والدين جي لاءِ دعا ڪرڻ ترڪ ڪري ڇڏيندو آهي ته ان جو رزق منقطع ٿي ويندو آهي.[4] (5) جيڪو شخص جمعي واري ڏينهن پنهنجي والدين يا انهن مان ڪنهن هڪ جي قبر جي زيارت


 

 



[1] نوادر الا صول، الاصل الخامس عشر...الخ، جلد:1، صفحہ:72۔

[2] دار قطنی، کتاب الحج، باب المواقیت، جلد:1، صفحہ:204، حدیث:2587

[3] شُعَبُ الْاِیْمَان، باب فی بر الوالدین، فصل فی حفظ حق...الخ، جلد:6، صفحہ:205، حدیث:7911۔

[4] جمع الجوامع، جلد:1، صفحہ:292، حدیث:2138۔