Book Name:Esal e Sawab Ki Barkatain

ميّت جي ماني کائڻ کان شاهوڪارن (يعني جيڪي فقير نه هجن انهن) کي بچڻ گھرجي۔

(5) هڪ ڏينهن جي ٻار کي به ايصالِ ثواب ڪري سگھو ٿا ان جو ٽيجھو وغيره ڪرڻ ۾ به حرج ناهي ۽ جيڪي زندهه آهن انهن کي به ايصال ثواب ڪري سگهجي ٿو۔

(6)  انبياء ۽ مرسلين عَلَيْـھمُ السَّلَام، ملائڪن ۽ مسلمان جِنّات کي به ايصالِ ثواب ڪري سگھجي ٿوـ

(7) يارهين شريف، رجبي شريف (يعني 15 رَجبُ المُرَجَّب جو سيّدنا امام جعفر صادق رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جا ڪونڊا ڪرڻ) وغيره جائز آهي۔

(8)  داستانِ عجيب،  شهزادي  کا  سر، دس بيبيوں کي کهاني، جناب سيده کي کهاني وغيره اهي سڀ من گھڙت (ڪوڙا) قصا آهن، انهن کي هرگز نه پڙهنـدا ڪريو۔ اهڙي طرح هڪ پمفليٽ ”وصيت نامو“ نالي سان ماڻهو ورهائيندا آهن جنهن ۾ ڪنهن ”شيخ احمد“ جو خواب لکيل هوندو آهي اهو به جعلي آهي ان ۾ مخصوص تعداد  ۾ ورهائڻ جي فضيلت ۽ نه ورهائڻ جا نقصان وغيره لکيل هوندا آهن انهن تي اعتبار نه ڪريو۔

(9) اولياءِ ڪرام رَحِمَهُمُ اللّٰهُ السَّلَام جي فاتحه جي کاڌي کي تعظيماً ”نذر ۽ نياز“ چوندا آهن ۽ اهو جائز آهي، ان کي امير، غريب سڀئي کائي سگھن ٿا ـ

(10) ”نياز“ ۽ ”ايصالِ ثواب“ جي کاڌي تي فاتحه پڙهائڻ جي لاءِ ڪنهن کي گھرائڻ يا ٻاهرين مهمان کي کارائڻ شرط ناهي، گھر ڀاتي جيڪڏهن پاڻ ئي فاتحه پڙهي، کائي ڇڏين تڏهن به ڪو حرج ناهي۔

(11) روزانو جيترا ڀيرا کاڌو کائو حسبِ حال سٺين سٺين نيتن سان کائو، ان ۾ جيڪڏهن ڪنهن بزرگ جي ايصالِ ثواب جي نيّت ڪري ڇڏيو ته تمام سٺي ڳالهه آهي. مثلاً * ناشتي ۾ نيّت ڪريو هاڻي اڄ جي ناشتي جو ثواب سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۽ سندن جي وسيلي سان سڀني نبِيّن عَلَيهِمُ السَّلام کي پهچي۔ * ٻپهري جي کاڌي جي اها نيّت ڪريو جيڪو کاڌو کائينداسين ان جو ثواب