Book Name:Esal e Sawab Ki Barkatain

مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  انهن جي باري ۾ فرمايو:مَا یُعَذِّبَانِ فِیْ کَبِیْرٍ  يعني انهن کي عذاب ڪنهن اهڙي گناھ جي سبب ناهي ٿي رهيو جن کان بچڻ نهايت مشڪل آهي. [1]  

 خبر پئي! چغلي ۽ پيشاب جي ڇنڊن کان نه بچڻ اهڙا گناهه ناهن جن کان بچڻ مشڪل هجي پر افسوس! اڄڪلھ حالات ڏاڍا ابتا ٿي ويا آهن، اڄوڪي دور ۾ نيڪي ڪرڻ مشڪل ۽ گناھ ڏاڍا آسان ٿي ويا آهن، اهڙا گناهه جن سان بچڻ مشڪل ناهي، اسان جو معاشرو انهن گناهن جي لپيٽ ۾ اچي چڪو آهي. * چغلي کي ئي وٺو! فساد ڪرائڻ جي لاءِ هڪ شخص جي ڳالھ ٻئي تائين پهچائڻ چغلي چورائيندو آهي.[2] * چغلي ناجائز و حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي.[3] پر افسوس! اسان جي حالت اهڙي آهي جو * بس ٻه شخص ڪٿي ويهي رهن، غيبت، چغلي* گهرن ۾ غيبتون، چغليون * بازار ۾ دڪاندار پاڻ ۾ هڪٻئي جون چغليون ڪندا آهن * آفيسن ۾ غيبتون، چغليون* دوستن جي ويهڪ ۾ غيبت، چغلي * مطلب ته انهن گناهن جي ايتري ڪثرت آهي جو بس الله پاڪ جي پناھ...!! اڄڪلھ هن کان بچڻ ڏاڍو مشڪل آهي. سوچي ڳالهائڻ جي ته عادت بلڪل نه هجڻ جي برابر آهي، لهٰذا چڱا ڀلا لکيل پڙهيل به گفتگو ۾ بي احتياطون ڪندا آهن * غيبت ٿي رهي هوندي آهي * چغلي ٿي رهي هوندي آهي * ڪوڙ ڳالهائي رهيا هوندا آهن پر اندازو تائين ناهي ٿيندو ته ” مون هاڻ جيڪو ڳالهايو، هي ڪيترو سخت جرم ٿي ويو آهي“ بس زبان هلي رهي آهي ۽ گناھ تي گناھ ٿي رهيا آهن. * اهڙي طرح پيشاب جي ڇنڊن کان نه بچڻ جو معاملو آهي غير مُهَذّب ماڻهو


 

 



[1] بخاری، کتاب الجنائز، باب الجرید علی القبر، صفحہ:381، حدیث:1361۔

[2] الحدیقۃ الندیہ، القسم الثانی، المبحث الاول، النوع السابع فی النمیمۃ، جلد:4، صفحہ:63

[3] الحدیقۃ الندیہ، القسم الثانی، المبحث الاول، النوع السابع فی النمیمۃ، جلد:4، صفحہ:64 بتصرف