Book Name:Ramadan Sudharne Ka Mahina Hai

ته اک لڳي وئي، ان خواب ۾ ڏٺو ته هڪ جماعت ان وٽ آئي، اهي انسان نه هئا، سندن هٿن ۾ وڏا وڏا ٿال هئا، هر ٿال ۾ مانيون رکيل هيون ۽ هر ماني جي مٿان ڏاڙهونءَ جهڙو هڪ موتي رکيل هو، ان جماعت ان کي چيو: کائو! ان چيو: مان ته روزو رکڻ چاهيان ٿو(يعني سحري ڪري چڪو آهيان، روزو رکڻو آهي، لهٰذا هاڻي ڪجھ نه کائيندس). انهن چيو: هن گهر (يعني مسجد جو مالڪ) فرمائي ٿو: کائو! اهو بزرگ فرمائي ٿو: مون ماني کاڌي. اهو موتي جيڪو ماني جي مٿان رکيل هو، ان کي کڻڻ لڳس ته چيو ويو: ان کي هتي ئي رهڻ ڏيو! اسان ان کي پوکينداسين، ان مان هڪ وڻ ڦٽندو ۽ ان وڻ تي هن کان به سٺا ۽ بهترين موتي لڳندا. مون پڇيو: ان کي ڪاٿي پوکيندا؟ چيائون: اهڙي جڳهه تي جيڪا ڪڏهن خراب ناهي ٿيندي، اهڙي ملڪ ۾ جيڪو ڪڏهن فنا ناهي ٿيندو(يعني اوهان جي نالي جو هي وڻ جنت ۾ لڳايو ويندو).

هن کان بعد ان بُزرگ جي اک کُلي وئي. ان پنهنجي دوستن کي هي خواب ٻڌايو، ان کان پوءِ 2 هفتا ئي زندھ رهيو، پوءِ وصال ڪري ويو. جنهن رات سندن وصال ٿيو ته هڪ دوست ان کي خواب ۾ ڏٺو، فرمائي رهيو هو: اهو وڻ جيڪو ان رات منهنجي لاءِ لڳايو ويو هو، هاڻي ميوي وارو ٿي چڪو آهي. دوست پڇيو: ان تي ڪهڙا ميوا لڳل آهن؟ چيائين: نه پڇو! اهڙا ميوا لڳل آهن جو ان جا اوصاف بيان نٿا ڪري سگهجن.[1]  

روزو نئين زندگي بخشيندو آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! صوفياءِ ڪرام وٽ ماھِ رمضان ۽ روزي جي جيڪا تفصيل بيان ڪئي وئي آهي، ان جي مطابق رمضان کي نشاةِ ثانيه(يعني نئين زندگي ماڻڻ) جو مهينو قرار ڏنو آهي. شايد اوهان کي ٻڌي ڪري حيراني ٿي ته صوفياءِ ڪرام جي مطابق انسان ٻه ڀيرا پيدا ٿيندو آهي، پهرين ولادت ته اها


 

 



[1] لطائف المعارِف،وظائف شہر رَمضَان المعظم،المجلس الاول فی فضل الصیام،صفحہ:219 ملتقطًا۔