Book Name:Ramadan Sudharne Ka Mahina Hai

آگیا رَمضاں عبادت پر کمر اب باندھ لو

فیض لے لو جلد یہ دن تیس کا مہمان ہے

بھائیو بہنو! کرو سب نیکیوں پر نیکیاں

پڑگئے  دوزخ  پہ  تالے  قید  میں  شیطان  ہے([1])

گناهن کان پاڪ رمضان

پيارا اسلامي ڀائرو! ماھِ رمضان اچي رهيو آهي، سڌرڻ جو مهينو اچي رهيو آهي، ماھِ رمضان کي هڪ بنيادي مقصد تقويٰ حاصل آهي. لهٰذا پورو رمضان جو مهينو تقويٰ و پرهيزگاري سان يعني گناهن کان بچي ڪري گذارڻ جي نيّت ڪيو! هي پڪو ارادو ڪيو ته سڄو رمضان جو مهينو(چاهي 29 ڏينهن هجن يا 30 ڏينهن هجن) مان هڪ به گناھ نه ڪندس. حضور مُجدّد الف ثاني  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جهڙو رمضان گذرندو آهي، سڄو سال ايئن ئي گذرندو آهي، جنهن کي ماھِ رمضان ۾ استقامت ملي وڃي، ان کي سڄو سال استقامت ملندي رهندي آهي.[2]

سُبْحٰنَ اللہ!  اسان رڳو هي هڪ مهينو گناهن کان بچي ڪري گذاريون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! زندگي سنورجي ويندي.

گناهن جون ڪجھ مثالون

لهٰذا هن سال ماھِ رمضان ۾ پنهنجو هي هدف بڻايو ته هن سال پوري ماھِ رمضان ۾ مان گناھ نه ڪندس * نماز ڇڏڻ گناھ آهي، هڪ به نماز ناهي ڇڏڻي* جماعت ترڪ ڪرڻ گناھ آهي، لهٰذا هڪ به جماعت ترڪ ناهي ڪرڻي* تراويح ڇڏڻ جي عادت بڻائڻ گناھ آهي، لهٰذا سڄو مهينو 20 جون 20


 

 



[1] وسائلِ بخشش، صفحہ:705، 706ملتقطاً۔

[2] مکتوباتِ امام ربانی، دفتراوّل، مکتوب:4، جلد:1، صفحہ:42۔