Book Name:Ramadan Sudharne Ka Mahina Hai

تراويح پڙهڻيون آهن * روزو ڇڏڻ گناھ آهي، لهٰذا صرف جمعرات ۽ جمعو نه بلڪه سڀئي روزا رکڻا آهن* ڪوڙ ڳالهائڻ گناھ آهي، لهٰذا سڄو رمضان هڪ به ڪوڙ ناهي ڳالهائڻو * غيبت ڪرڻ گناھ آهي، سڄو ماھِ رمضان هڪ ڀيرو به غيبت ناهي ڪرڻي. * چغلي ڪرڻ گناھ آهي، سڄو رمضان چغلي کان بچڻو آهي* بدنگاهي گناھ آهي، سڄو رمضان بدنگاهي کان بچڻو آهي، فيسبڪ هلائڻ ۾ احتياط ڪرڻو آهي، يوٽوب کولڻ ۾ احتياط ڪرڻو آهي، سوشل ميڊيا ڄڻ گناهن جو گهر آهي، ان جي استعمال ۾ احتياط ڪرڻو آهي، * مطلب ته سڄي جسم کي گناهن کان بچائيندي رمضان المبارڪ گذارڻو آهي.

 

رمضان مهيني ۾ گناهن جو وبال

پياري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  فرمايو: جيڪو رمضان ۾ گناھ جو ڪم ڪندو آهي، الله پاڪ ان جي سڄي سال جا اعمال ضايع فرمائي ڇڏيندو آهي، بيشڪ رمضان الله پاڪ جو مهينو آهي، لهٰذا ان ۾ گناھ ڪرڻ کان بچندا رهو![1] هڪ حديث شريف ۾ ارشاد ٿيو: رمضان المبارڪ جي بي حرمتي کان بچو! بيشڪ هن ۾ نيڪي جي اهميت وڌائي ويندي آهي، ايئن ئي گناھ (جو وبال) به (وڌايو ويندو آهي).[2]

گناهن کان بچڻ جا فائدا

پيارا اسلامي ڀائرو! گناهن کان بچڻ نهايت ضروري به آهي ۽ نهايت ئي اعليٰ ڪم به آهي. عالم سڳورا فرمائن ٿا: نيڪي ڪرڻ جي نسبت گناھ کان بچڻ گهڻو ضروري آهي.[3]


 

 



[1] معجم اوسط، جلد:2، صفحہ:414، حدیث:3688

[2] معجم اوسط، جلد:3، صفحہ:354، حدیث:4827۔

[3] تنبیہ الغافلین، باب ماجاء فی الذنوب، صفحہ:211۔