Book Name:Ramadan Sudharne Ka Mahina Hai

* مسلمانن جي ٻئي خليفي، امير المومنين حضرت عمرفاروق اعظم     رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: گناھ جيتوڻيڪ هڪ ئي هجي پر پاڻ سان گڏ 10 برائيون کڻي ايندو آهي: (1) گناھ ڪرڻ وارو الله پاڪ کي غضب ڏياريندو آهي.    (2) گناھ ڪرڻ وارو ابليس (يعني شيطان) کي خوش ڪندو آهي. (3) گناھ ڪرڻ وارو جنّت کان پري ۽ (4) جهنم جي قريب ٿي ويندو آهي. (5) گناھ ڪرڻ وارو پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪندو آهي (6) گناھ ڪرڻ وارو پنهنجي باطن کي ناپاڪ ڪري ڇڏيندو آهي (7) گناھ ڪرڻ وارو اعمال لکڻ وارن ملائڪن کي تڪليف ڏيندو آهي (8) گناھ ڪرڻ وارو پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي غمگين ڪندو آهي (9) گناھ ڪرڻ وارو زمين ۽ آسمان کي پنهنجي خلاف گواھ بڻائيندو آهي. (10) گناھ ڪرڻ وارو انسانن کان خيانت ۽    ربُّ العالمين جي نافرماني ڪندو آهي.[1]

سچي پڪي توبه ڪيو!

اي عاشقانِ رسول! رمضان اچي رهيو آهي، تقويٰ ڏيارڻ وارو مهينو اچي رهيو آهي، پاڻ کي سڌارڻ وارو مهينو اچي رهيو آهي، همت ڪيو! پوئين گناهن کان توبه ڪري، پاڪ صاف ٿي ڪري هن پاڪ مهيني جو استقبال ڪيو! الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

وَّ اَنِ اسۡتَغۡفِرُوۡا رَبَّکُمۡ  ثُمَّ  تُوۡبُوۡۤا  اِلَیۡہِ یُمَتِّعۡکُمۡ مَّتَاعًا حَسَنًا اِلٰۤی اَجَلٍ مُّسَمًّی وَّ یُؤۡتِ کُلَّ ذِیۡ فَضۡلٍ فَضۡلَہٗ ؕ وَ اِنۡ تَوَلَّوۡا فَاِنِّیۡۤ  اَخَافُ عَلَیۡکُمۡ  عَذَابَ یَوۡمٍ  کَبِیۡرٍ (۳) (پارہ:11،سورۂ ھُوْد:3)

 ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ هي ته پنهنجي رب کان معافي گهرو پوءِ ان جي طرف توبهه ڪيو ته اهو توهان کي هڪ مقرر مدت تائين تمام سٺو فائدو ڏيندو ۽ هر فضيلت واري کي پنهنجو فضل عطا ڪندو ۽ جيڪڏهن توهان منهن ڦيريو ته مان توهان تي وڏي ڏينهن جي عذاب جو خوف ڪيان ٿو. 


 

 



[1] بحر الدموع، الفصل الثانی، صفحہ:42۔