Book Name:Ramadan Sudharne Ka Mahina Hai

”درود و سلام“ موبائل ايپلي ڪيشن

  اي عاشقانِ رسول! اَلحَمۡدُلله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي اسمارٽ فون جي ذريعي به علمِ دين عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن حوالي سان دعوتِ اسلامي جي I.T ڊيپارٽمنٽ جي طرفان هڪ ايپلي ڪيشن جاري ڪئي وئي آهي: جنهن جو نالو آهي: درود و سلام (Durood-o-Salam) * هن درود و سلام ايپلي ڪيشن ۾ درود شريف موجود آهن جن کي اوهان ڪنهن به وقت پڙهي سگهو ٿا يا انهن کي پنهنجي موبائل اَن لاڪ ٽيون جي طور تي سيٽ ڪري سگهو ٿا جنهن جي ڪري اوهان جيئن پنهنجي فون کي آن ڪندا خودبخود درود پاڪ هلڻ لڳندو. * هي سهولت به ڏني وئي آهي ته اوهان موبائل کي آن لاڪ ڪندا ته اهو درود شريف اوهان جي موبائل جي اسڪرين تي نظر ايندو ان جي برڪت هي ٿيندي جو اوهان پهريان درود شريف پڙهندا پوءِ موبائل استعمال ڪندا. وڌيڪ هي ته اسڪرين تي نظر اچڻ واري درود پاڪ جو فونٽ به پنهنجي مرضي سان سيٽ ڪري سگهو ٿا * موبائل کلڻ تي جيترا ڀيرا درود شريف پڙهيو ويندو ان جي تعداد خود بخود ان تي درج ٿيندي رهندي * اوهان پنهنجي مرضي سان درود پاڪ جي آواز کي ايڊجسٽ ڪري سگهو ٿا. * هن جي ڪري اهم فائدو اهو ٿيندو ته اسان کي روزانو پنهنجي درود پاڪ واري نيڪ عمل کي مڪمل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اڄ ئي هن منفرد ايپليڪيشن کي پنهنجي موبائل فون ۾ ڊائون لوڊ ڪيو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.

   صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                               صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد