Book Name:Ramadan Sudharne Ka Mahina Hai

آهي، ان جي لاءِ 2 جنتن جون خوشخبريون آهن. جيڪو ٻانهو گناهن کان بچي وڃي، ان کي رسول ذيشان، محبوبِ رحمٰن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجو دوست بڻائي وٺندا آهن. ۽ سڀني کان وڌيڪ هي جو جيڪو ٻانهو گناهن کان بچي ويندو آهي، ان کي الله پاڪ پنهنجي قرب جي لذّت، پنهنجي رضا ۽ محبت جي لازوال دولت عطا فرمائي ڇڏيندو آهي.  

شرابي نوجوان  گهڙي کن ۾ سڌري ويو

علامه ابن جَوزي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: هڪ عبادت گذار، نيڪ بُزرگ هو، اهو 40 سالن تائين(برِاعظم آفريڪا جي هڪ ملڪ) سوڊان جي هڪ غار ۾ رهي ڪري عبادت ڪندو رهيو. اهو فرمائي ٿو: هڪ ڀيرو مان غار جي اندر عبادت ۾ مصروف هيس، ايتري ۾ هڪ شخص آيو، ان وٽ کاڌو ۽ شراب هو، (شايد ان مون کي نه ڏٺو) ۽ هڪ ڪنڊ ۾ ويهي ماني کائڻ لڳو، کائڻ کان بعد جڏهن ان شراب جو ٿانءُ کنيو ته مون وڏي آواز سان قرآن ڪريم جي هي آيت تلاوت ڪئي.

 اَلَمْ یَاْنِ لِلَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا اَنْ تَخْشَعَ قُلُوْبُهُمْ لِذِكْرِ اللّٰهِ (پاره27،سورةالحديد:16)

ترجمو ڪنزالعرفان: ڇا ايمان وارن جي لاءِ اهو وقت نه آيو ته انهن جون دليون الله جي ياد لاءِ جهڪي وڃن.

ان نوجوان هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو، ڪو نظر نه آيو، جيئن ته اُن ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي ۽ شراب پيئڻ ۾ لڳي ويو، جيئن ان ٿانءُ کنيو ته مون وري اها ئي آيت تلاوت ڪئي. 

 اَلَمْ یَاْنِ لِلَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا اَنْ تَخْشَعَ قُلُوْبُهُمْ لِذِكْرِ اللّٰهِ  (پاره27،سورةالحديد:16)

ترجمو ڪنزالعرفان: ڇا ايمان وارن جي لاءِ اهو وقت نه آيو ته انهن جون دليون الله جي ياد لاءِ جهڪي وڃن.

هن ڀيري ته قرآن ڪريم جا هي الفاظ ان جي دل تي تاثير جو تير بڻجي لڳا، ان جي هٿ مان شراب ڪري پيو، ان پڪاري چيو: بَلٰی وَ اللہِ قَدْ آن ڇونه، خدا جي قسم! اهو وقت اچي ويو آهي (ته منهنجي دل ربّ جي ياد ۾ جهڪي وڃي). هي چئي ڪري اهو غار مان ٻاهر نڪتو، مان به ان جي پويان پويان آيس، ڏنم ته هُو روئندو پئي ويو ۽ وڏي آواز سان چئي رهيو هو: بَلٰی وَ اللہِ قَدْ آن ڇونه، خدا جي