Book Name:Ramadan Sudharne Ka Mahina Hai

قسم! اهو(يعني توبه جو) وقت اچي ويو آهي. بُزرگ فرمائي ٿو: مان به ان جي پٺيان پٺيان هلڻ لڳس. ٿورو اڳتي هليا ته هڪ وڏو تالاب (تلاھ) هو، خوف خدا جي غلبي ۾ ان نوجوان جيئن ئي تلاھ ۾ قدم رکيو(پر خدا جي قدرت جو) اهو پاڻي جي مٿان هلندي، آرام سان گذري ويو.[1]

بوقتِ نزع سلامت رہے مرا ایماں                                                           مجھے نصیب ہو توبہ ہے التجا یاربّ

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

گناه ڪرڻ جا نقصان

پيارا اسلامي ڀائرو! هي ته گناهن کان بچڻ جا انعام هئا. هاڻي جيڪو ٻانهو گناھ ڪندو آهي، ان کي ڪهڙا ڪهڙا نقصانَ ٿي سگهن ٿا، اهو به ٻڌي وٺو! علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: * گناھ جي سبب رزق ۾ گهٽتائي ايندي آهي. *دل ۽ بدن ڪمزور ٿيندا آهن. *عمر گهٽجي ويندي آهي. * برڪت کڄي ويندي آهي. * گناھ جي سبب قُوَّتِ ارادي ڪمزور ٿيندي آهي. * گناھ ذلت جو سبب آهي. * گناھ هلاڪت جي طرف وٺي ويندو آهي * گناھن جي سبب عقل کي نقصان ٿيندو آهي، * ان جي عقل ۾ گهٽتائي ٿيندي آهي. * گناهن جي سبب زمين ۾ فساد برپا ٿيندو آهي. * حيا مٽجندي ۽ بي حيائي وڌندي آهي * گناھ جي سبب نعمت ويندي ۽ زحمت ايندي آهي.[2]


 

 



[1] روح الارواح، الفصل الثانی عشر، صفحہ:79بتغیر قلیل۔

[2] جنتی زیور، صفحہ:143 بتغیر۔