Book Name:Ramadan Sudharne Ka Mahina Hai

رمضان مهيني  جا مختصر فضائل

ڇا اوهان کي خبر آهي رمضان المُبارڪ ڪيترو عظيم مهينو آهي...؟ جي ها! * اهو مهينو اچي رهيو آهي، جنهن کي حديث پاڪ ۾ سيّدُ الشهور(تمام مهينن جو سردار) چيو ويو آهي[1] * اهو مهينو اچي رهيو آهي جو ان جي پهرين رات کان ئي آسمان جا دروازا کوليا ويندا، پوءِ آخري رات تائين بند نه ٿيندا. * هن مهيني ۾ جيڪو هڪ سجدو ڪري، ان جي لاءِ 1500 سو نيڪيون لکيون وينديون آهن ۽ جنت ۾ سرخ ياقوت جو گهر بڻايو ويندو آهي* جيڪو رمضان جو پهريون روزو رکندو آهي، ان جا پويان گناھ معاف ڪيا ويندا آهن * صبح کان شام تائين 70 هزار ملائڪ ان جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪندا رهندا آهن* اهو مهينو اچي رهيو آهي، جنهن ۾ نفل جو ثواب فرض جي برابر ۽ فرض جو ثواب 70 ڀيرا وڌايو ويندو آهي.[2] * رمضان المبارڪ جي پهرين رات الله پاڪ هن اُمّت تي نظرِ رحمت فرمائيندو آهي، ۽ جنهن تي الله پاڪ رحمت جي نظر فرمائي. ان کي ڪڏهن به عذاب نه ڏيندو.[3] * هن مبارڪ مهيني ۾ بخشش جا پروانا ورهايا ويندا، هر روز افطاري جي وقت 10 لک گنهگارن جي بخشش ڪئي ويندي ۽ جڏهن هن مبارڪ مهيني ۾ جمعي جو ڏينهن تشريف آڻيندو، پوءِ ته ڀاڳ ئي کلي ويندا، حديث پاڪ جي مطابق رمضان المبارڪ ۾ جمعي جي رات ۽ جمعي جي ڏينهن (يعني جمعرات جو سج لهڻ کان وٺي جمعي جو سج لهڻ تائين) هرهر گهڙي ۾ 10، 10 لک ماڻهن جي مغفرت ڪئي ويندي آهي ۽ هي سڀئي مغفرت ماڻڻ وارا اهي آهن جن تي جهنم واجب ٿي


 

 



[1] مصنف عبد الرزاق، کِتَاب الصیام،باب فضل الصیام،جلد:4،صفحہ:238، حدیث:7924

[2] صحیح ابنِ خزیمہ، کتاب الصیام، باب فضائل شہر رَمضَان ان صح الخبر،صفحہ: 438، حدیث :1887۔

[3] شُعَبُ الْاِیْمَان، باب فی الصیام، جلد : 3، صفحہ : 303، حدیث : 3603۔