Book Name:Ramadan Sudharne Ka Mahina Hai

ڪاش!  اسان رمضان تائين پهچي سگهون

   اي عاشقانِ رسول! اسان جي قسمت جو تارو به چمڪڻ وارو آهي، ڪجھ ئي ڏينهن کان بعد اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ماھِ رمضان جو چنڊ نظر اچي ويندو، الله پاڪ چاهيو ته اسان هن سال به ماھِ رمضان جون مُقدس گهڙيون ڏسڻ، ماھِ رمضان جي بابرڪت گهڙين ۾ ساھ کڻڻ جي سعادت ماڻينداسين. الله پاڪ اسان کي ان جي توفيق بخشي، موت جو ته ڪو ڀروسو ناهي، خبر ناهي ايندڙ ساھ به کڻي سگهنداسين يا نه، ڪيترا ئي اهڙا هوندا جيڪي گذريل سال ته رمضان مهيني ۾ اسان سان گڏ هئا، پر اهي هن سال ناهن، الله ڪري اسان کي ايتري مهلت نصيب ٿئي ۽ اسان خير ۽ عافيت سان ماھِ سبحان، ماھِ نزولِ قرآن، پياري پياري مهيني، ماھِ رمضان تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون.

میں رمضانُ المبارک پاؤں، روزے سارے رکھ پاؤں

تُو رکھ زندہ سلامت، ماہِ رمضان آنے والا ہے

اِلٰہی عافیت دینا،سلامت دِل عطا کرنا

عطا  کر  دے  تُو  صِحَّت، ماہِ  رمضان آنے والا ہے)[1](

 هڪ اهم وضاحت!

 پيارا اسلامي ڀائرو! رمضان المبارڪ يقيناً نهايت برڪتن وارو مهينو آهي، هن مبارڪ مهيني جي آمد تي خوشخبريون ڏيڻ، ماڻهن کي مبارڪ باد ڏيڻ به چڱو ڪم آهي، هن نيڪ ڪم تي ثواب ملڻ جي اُميد به ڪري سگهجي ٿي، هي به ممڪن آهي ته اسان آمدِ رمضان جي خوشي ملهايون ته الله پاڪ جي


 

 



.[1] وسائلِ فِردَوس ،صفحہ:25 بتقدیم و تاخیر۔