Book Name:Ramadan Sudharne Ka Mahina Hai

تقويٰ هر ڀلائي جي اصل آهي

تقويٰ(پرهيزگاري) تمام وڏي دولت آهي. حضرت ابوسعيد خدري رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  کان روايت آهي، رسول اڪرم، نور مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  هڪ صحابي کي نصيحت ڪندي فرمايو: عَلَیْکَ بِتَقْوَی اللّٰہِ فَاِنَّہُ جِمَاعُ کُلِّ خَیْرٍ  توهان تي تقويٰ لازم آهي جو بيشڪ تقويٰ تمام ڀلائين جو مجموعو آهي.[1]

حُجَّةُ الاسلام امام محمد بن محمد غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اي عزيز! توکي خبر هجڻ گهرجي ته تقويٰ هڪ ناياب خزانو آهي، جيڪڏهن توهان هن خزاني کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ته توهان تمام وڏي ڪاميابي حاصل ڪري وٺندا، ايئن سمجهو ته دنيا ۽ آخرت جون تمام ڀلايون تقويٰ ۾ جمع ڪيون ويون آهن.[2]

ڏسو! ڪيتري وڏي فضيلت آهي..!! دنيا ۽ آخرت جون تمام ڀلايون تقويٰ ۾ جمع ڪيون ويون آهن ۽ روزو اها عبادت آهي جنهن جي برڪت سان تقويٰ نصيب ٿيندي آهي. ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته روزو اعليٰ ترين عبادت آهي، جنهن جي برڪت سان ٻانهو دنيا ۽ آخرت جون تمام ڀلايون ماڻڻ جي قابل ٿي ويندو آهي.

دے حُسْنِ اَخْلاق کی دولت                                                                                                               کر دے عطا اِخْلاص کی نعمت

مجھ کو خزانہ دے تقویٰ کا                                                                                                                           یااللہ! مِری جھولی بھر دے([3])

جنت ۾ گهر ملي ويو

هڪ نيڪ بُزرگ هيو، اهو تهجد به ڪثرت سان پڙهندو هو ۽ روزا به ڪثرت سان رکندو هو، هڪ ڀيرو ان مسجد ۾ نماز پڙهي، پوءِ دعا گهري ويٺائي هئا


 

 



[1] مسند ابی یعلی، جلد:1، صفحہ:324، حدیث:1001ملتقطًا۔

[2] منہاج العابدین، صفحہ:148ملتقطًا۔

[3] وسائلِ بخشش، صفحہ:123۔