Book Name:Ramadan Sudharne Ka Mahina Hai

صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪڏهن الله پاڪ زمين و آسمان کي ڳالهه ڪرڻ جي اجازت عطا فرمائي ڇڏي ته رَمضان جي روزيدار کي جنت جي خوشخبري ٻڌائن.[1]

رمضان المبارڪ جو  چنڊ ڏسڻ جي دعا

 سُبْحٰنَ اللہ! الله پاڪ اسان کي قدر نصيب فرمائي. * هي پيارو پيارو* رحمتن وارو * عظمتن وارو * مغفرت وارو مهينو تشريف کڻي اچي رهيو آهي.    * خوب خوشيون ملهايو! * جڏهن شان وارو مهينو اچي ته هڪٻئي کي مبارڪباد ڏيو! * رمضان جي مهيني جو ڀرپور طريقي سان استقبال ڪيو!    * سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم رمضان جو ڀرپور استقبال ڪندا هئا، جڏهن چنڊ نظر ايندو هو ته قبلي جي طرف منهن ڪري هيئن دعا گهرندا هئا:

اَللّٰهُمَّ اَهِلَّهٗ عَلَيْنَا بِالْاَمْنِ وَالاَمَانَۃِ وَالسَّلامَةِ وَالْعَافِيَةِ الْمُجَلِّلَةِ وَدِفَاعِ الْاَسْقَامِ وَالْعَوْنِ عَلَى الصَّلاةِ وَالصِّيَامِ وَالْقِیَامِ وَتِلاوَةِ الْقُرْآنِ،اَللّٰهُمَّ سَلِّمْنَا لِرَمضَان وَسَلِّمْهُ مِنَّا حَتَّى يَنْقَضِيَ وَقَدْ غَفَرْتَ لَنَا وَرَحِمْتَنَا وَعَـفَوْتَ عَنَّا

 ترجمو:  اي الله پاڪ! هن چنڊ کي اسان تي امن وامان، سلامتي، مڪمل عافيت ۽ بيمارين کان حفاظت جو ذريعو بڻاءِ ۽ نماز، روزن، عبادت ۽ تلاوتِ قرآن تي مدد جو سبب بڻاءِ۔ اي ربِّ ڪريم! اسان کي رمضان جي ڪري سلامتي عطا فرماءِ يعني ان کي اسان جي لاءِ سلامتي وارو بڻاءِ ۽ ان کي اسان جي طرفان سلامتي عطا فرماءِ ايستائين جو جڏهن هي(رمضان) رخصت ٿئي ته تنهنجي مغفرت ۽ رحمت ۽ عفو و درگذر اسان جو يقيني مقدّر بڻجي چڪو هجي۔[2]


 

 



.[1] تاریخِ مدینہ دمشق،جلد:73،صفحہ:267۔

.[2] کَنْزالْعُمَّال،کتاب الصوم،فصل فی فضلہ و فضل رَمضَان،جلد4،جز:8،صفحہ:270،حدیث: 24286۔