Book Name:Ramadan Sudharne Ka Mahina Hai

تفسير صراط الجنان ۾ آهي: هن آيت ۾ فرمايو ويو ته نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ماڻهن کي حڪم ڏين ته اي انسانو! پنهنجي گذريل گناهن جي معافي گهرو ۽ آينده گناھ ڪرڻ کان توبه ڪيو! جنهن پنهنجي گناهن کان پڪي توبه ڪئي ۽ اخلاص سان پنهنجي ربّ جو عبادت گذار ٻانهو بڻجي ويو ته الله پاڪ ان کي ڪثير رزق ۽ آسائش عطا فرمائيندو ۽ اهو اَمن ۽ راحت واري زندگي گذاريندو، ان کان الله پاڪ راضي ٿيندو. ۽ جيڪو توبه نه ڪري، ڪفر ۽ گناهن تي قائم رهي ته اهو خوف واري زندگي گذاريندو، بيمارين ۾ مبتلاھ رهندو ۽ ان کي الله پاڪ جي ناراضي جو سامنو به ڪرڻو پوندو، جيتوڻيڪ دنيا ۾ ان کي لذتون ملي به وڃن، تڏهن به ان عيش ۾ ڪا ڀلائي ناهي جنهن کان بعد جهنم هجي.[1]

بڑی کوششیں کیں گناہ چھوڑنے کی                                                                         رہے آہ! ناکام ہم یااِلٰہی!

جو ناراض تُو ہو گیا تو کہیں کا                                                                                                             رہوں گا نہ تیری قسم یااِلٰہی!

مجھے سچی توبہ کی توفیق دیدے                                                                                                    پئے تاجدارِ حرم یااِلٰہی!([2])

غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هڪ نصيحت

پيارا اسلامي ڀائرو! پهرين رمضان المبارڪ تي حضورغوث پاڪ شيخ عبدالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ولادت جو ڏينهن به آهي.

سُبْحٰنَ اللہ! ڇا شان آهي اسان جي حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو....!! پاڻ گناهن کان بچڻ وارا، ڪثرت سان نيڪيون ڪرڻ وارا، الله پاڪ جا پيارا ۽ پسنديده ٻانها هئا. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پهرين رمضان المبارڪ تي پيدا ٿيا ۽ ماشآءَالله پيدا ٿيندي ئي سندن روزو رکي ورتو. اچو! بيان جي آخر ۾ حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هڪ نصيحت ٻڌون ٿا:  


 

 



[1] تفسیر صراط الجنان، پارہ:11، سورۂ ھُوْد، زیرِ آیت:3، جلد:4، صفحہ:393۔

 [2]وسائلِ بخشش، صفحہ:110۔