Book Name:Ramadan Sudharne Ka Mahina Hai

آهي جيڪا عام مشهور آهي، جڏهن اسان هن دنيا ۾ ايندا آهيون. ٻي ولادت مان مُراد دل جي پاڪيزگي آهي يعني جڏهن ٻانهو پنهنجي دل کي* گناهن کان * باطني بيمارين کان *حرص * لالچ* حوس*دنيا جي محبت *تڪبّر*خودپسندي وغيره کان پاڪ ڪري ڇڏيندو آهي، ان کي انسان جي نشاةِ ثانيه(يعني ٻي ولادت) چوندا آهن.[1]

اوهان جي عمر ڪيتري آهي...؟

هڪ بُزرگ هيو، 60 يا 70 سال ان جي عمر هئي، ڪنهن ان کان پڇيو: اوهان جي عمر ڪيتري آهي؟ فرمائڻ لڳا: 4 سال. پڇڻ واري کي ڏاڍي حيراني ٿي، مٿو ۽ ڏاڙهي سفيد ٿي چڪي آهي، پوڙهائپ لڪيل آهي ۽ فرمائي رهيا آهن: مان چئن سالن جو آهيان. ان نيڪ ٻانهي چيو: هونئن ته عمر وڌيڪ آهي، باقي توبه ڪري الله پاڪ جي طرف رجوع ڪرڻ کي 4 سال ٿي ويا آهن. ڇوته ان کان پهريان زندگي فضول گذري رهي هئي. لهٰذا مان ان کي زندگي شمارئي نٿو ڪيان.

 ڪيتري نه پياري ڳالهه آهي، وڏي ماڻهن جون وڏيون ڳالهيون هونديون آهن، خير! چوڻ جو مقصد اهو آهي ته توبه، الله پاڪ جي طرف رجوع، دل کي پاڪ ڪري الله پاڪ جي قرب جي طرف وڌي وڃڻ جي جيڪا گهڙي آهي، ان کي نشاةِ ثانيه چوندا آهن. انسان تي جڏهن اها گهڙي ايندي آهي ته* ان تي رحمت وسندي آهي *ڪرم ۽ فضل جا دروازا کُلي ويندا آهن* ان جي روحاني ترقي جو وقت شروع ٿي ويندو آهي.*ڪاميابي ان جا قدم چمڻ لڳندي آهي* قربِ الٰهي جي طرف سفر شروع ٿي ويندو آهي ۽ انسان جهنم جي رستي کان نڪري ڪري جنّت جي رستي تي هلڻ لڳندو آهي. الله پاڪ جي نبي حضرت


 

 



[1] تفسیر روح البیان،پارہ:2،سورۂ بقرہ،زیرِ آیت:184،جلد:1،صفحہ: 294۔