Book Name:Ramadan Sudharne Ka Mahina Hai

خُدا ایسی عنایت کر، میں کانپوں خوف سے تھر تھر

ہو عصیاں سے حفاظت ماہِ رَمضَان آنے والا ہے

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

ٻه اهم ڳالهيون

پيارا اسلامي ڀائرو! هن حديث پاڪ جا 2 جملا نهايت اهم آهن: (1) ارشاد فرمايو: ینظرُ اللہ اِلیٰ تَنَافُسِکُمْ يعني هن مهيني ۾ الله پاڪ توهان جي نيڪين جي طرف رغبت، ذوق ۽ شوق کي ڏسندو آهي. (2) فَاَرُوا اللہَ مِنْ اَنْفُسِکُمْ خَیْرًا سو پنهنجي ذات سان نيڪيون، ڀلايون الله پاڪ کي ڏيکاريو!

يعني هن مبارڪ مهيني ۾ خصوصيت سان اسان جي ذوق ۽ شُوق کي پَرکيو ويندو آهي، ڏٺو ويندو آهي ته * ماھِ رمضان ته عطا ڪري ڇڏيو، هاڻي ڪير آهي جيڪو هن ۾ سڌري وڃي ٿو* ماھِ رمضان ته عطا ڪري ڇڏيو، ڪير آهي جيڪو تمام گهڻي تلاوت ڪري ٿو. * ماھِ رمضان ته عطا ڪري ڇڏيو، هاڻي ڪير آهي جيڪو گناهن کان بچي ٿو. * ماھِ رمضان ته عطا ڪري ڇڏيو،  هاڻي ڪير آهي جيڪو وڌيڪ نيڪيون ڪري ٿو. مطلب ته اسان جو هي شوق ڏٺو ويندو آهي، هن کي پرکيو ويندو آهي ۽ اسان کي ماھِ رمضان ۾ هي شوق ڏَسڻو آهي. ڪهڙي خبر! هي ئي شوق، هي ئي ذوق، رمضان المبارڪ ۾ اسان جو سڌري وڃڻ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ قبول ٿي وڃي ۽ اسان جي بخشش جو ذريعو بڻجي وڃي.  

رمضان ۾ سڌرڻ وارو بخشجي ويو

پيارا اسلامي ڀائرو! منقول آهي: محمد نالي هڪ شخص سڄو سال نماز نه پڙهندو هو. جڏهن رمضان جو بابرڪت مهينو ايندو هو ته هُو پاڪ صاف ڪپڙا