Book Name:Ramadan Sudharne Ka Mahina Hai

نمازون نه پڙهندا هئا، هاڻي پڙهڻ شروع ڪيو* پهريان روزا نه رکندا هئا، هن سال پورا ماھِ رمضان جا روزا رکو.*پهريان فلمون ڊراما ڏسڻ جي عادت هئي، هاڻي ان کي ڇڏي ڏيو. * پهريان بدنگاهي ڪندا هئا، هاڻي ان کان باز اچو* پهريان غيبت ۽ چغلي وغيره گناهن ۾ پيل هوندا هئا، هاڻي ان کان رڪجي وڃو* اڳي وياج جو ڏيڻ وٺڻ ڪندا هئا، هاڻي ڇڏي ڏيو. مطلب ته پهريان زندگي جيئن گذري رهي هئي، سُو گذري رهي هئي، هاڻي رمضان المبارڪ اچي رهيو آهي، ماھِ رمضان نشاةِ ثانيه(هڪ نئين زندگي اپنائڻ) جو مهينو آهي، لهٰذا پوئين برائين واري زندگي ڇڏي ڪري نئين چڱي زندگي جي طرف قدم وڌايو!

 جيئن نئون سال اچڻ تي مختلف ڪمپنيون پنهنجي پروڊڪٽ جو نئون ماڊل آڻينديون آهن، هاڻي جيئن 2024 شروع ٿيو آهي ته موٽر سائيڪل، ڪار، موبائل وغيره ڪمپنين پنهنجا نوان ماڊل لاؤنچ ڪري ڇڏيا هوندا، اهڙي طرح اسان جو، اسان جي پنهنجي ذات جو به ته ڪو نئون مقصد هجڻ گهرجي، رمضان المبارڪ اچي چڪو، ماڻهن کي خبر پئي ته * هي ٻانهو پهريان بي نمازي هو، هاڻي نمازي بڻجي ويو آهي * پهريان ڪوڙ ڳالهائيندو هو، هاڻي سچو ۽ ايماندار ٿي ويو آهي * پهريان گهٽين ۾ ويهندو هو، ماڻهن کي تنگ ڪندو هو، هاڻي ٻانهن جي حقوق جو خيال رکڻ لڳو آهي * پهريان گهٽ نيڪيون ڪندو هو، هاڻي زياده ڪرڻ لڳو آهي. مطلب ته اسان جي اندر ڪا تبديلي اچڻ گهرجي. اسان جي انداز مان اسان جي ڪردار مان، اسان جي طور طريقن مان خبر پئي ته رمضان المبارڪ اچي چڪو آهي.

رمضان مهيني کي عام ڏينهن کان مختلف رکو!

صحابي رسول حضرت جابر بن عبدالله رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: لَا تَجْعَلْ یَوْمَ صَوْمِکَ وَ یَوْمَ فِطْرِکَ سَوَاءٌ يعني توهان جو روزي جو ڏينهن ۽ بغير روزي جو ڏينهن، انهن