Book Name:Ramadan Sudharne Ka Mahina Hai

ڪري کنڊ ۽ بادام کائڻ لڳا، پر سندن سردار ان مان ڪجهه به نه کاڌو، شيخ ابو بڪر شبلي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون کي ڏاڍي حيراني ٿي ۽ مون ڌاڙيلن جي سردار کان پڇيو؛ ٻيا سڀ کنڊ ۽ بادام کائي رهيا آهن پر توهان ڇو نه ٿا کائو؟ ان مونکي وڌيڪ حيرت ۾ وجهندي چيو: مونکي روزو آهي۔ وڏي حيراني جي ڳالھ هئي، هڪ پاسي ٻانهن جا حق پامال ڪيا پيا وڃن، ماڻهن جي پگھر جو پورهيو لٽيو پيو وڃي، غريبن جون آهون، بددُعائون ورتيون پيون وڃن ۽ ٻي پاسي تقويٰ و پرهيز گاري جو مُظَاهرو ڪندي روزو به رکيل آهي، شيخ ابوبڪر شبلي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون ان کان پڇيو: توهان ڦُر لٽ به ڪيو ٿا ۽ روزا به رکو ٿا؟ منهنجي ان سُوال تي سردار جواب ڏنو: الله پاڪ سان صلح جي لاءِ به ته ڪا راھ باقي رکڻ گھرجي۔

 حضرت شيخ ابوبڪر شبلي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ڪجھ عرصي کان پوءِ مون کي مڪي پاڪ ۾ حاضِري جي سَعَادت نصيب ٿي، مون ڌاڙيلن جي ان سردار کي اتي ڏٺو، سندس چهري تي عبادت جو نور هو ۽ مجاهدات کيس ڪمزور ڪري ڇڏيو هو، ۽ هو اِحرام ٻڌي طوافِ ڪعبه ۾ مَصرُوف هو۔ ان کي ان حالت ۾ ڏسي مون کي هڪ ڀيرو ٻيهر حيرت ٿي، مون تعجب ڪندي پڇيو؛ ڇا توهان اهي ئي شخص ناهيو؟ هن جواب ڏنو؛ جي ها آئون اهو ئي آهيان ۽ ٻڌو! ان روزي ئي الله پاڪ سان منهنجي صلح ڪرائي ڇڏي  آهي۔ (نہر کی صدائیں، صفحہ:7تا8)

پنهنجي اندر تبديلي آڻيو

پيارا اسلامي ڀائرو! رمضان المبارڪ نشاةِ ثانيه(يعني نئين زندگي ماڻڻ) جو مهينو آهي. هاڻي رمضانُ المبارڪ اچي رهيو آهي، اسان کي به گهرجي ته اسان پنهنجي اندر ڪجھ تبديلي جي ڪوشش ڪيون، پنهنجي پاڻ کي، پنهنجي دل کي، پنهنجي روح کي ٻيهر نئين سري سان سنوارڻ جي ڪوشش ڪيون، مثلاً* پوئين زندگي گناهن ۾ گذري، هاڻي توبه ڪيو* پهريان