Book Name:Ramadan Sudharne Ka Mahina Hai

عيسٰي عَلَيۡهِ السَّلَام جو فرمان آهي: لَنْ یَلِجَ مَلَکُوْتِ السموٰتِ مَن لَم یُوْلَد مَرَّتَین يعني  جيڪو انسان 2 ڀيرا پيدا ناهي ٿيندو، اهو آسماني بادشاهت ۾ داخل ناهي ٿيندو.[1]

مطلب ته انسان جي نشاةِ ثانيه(يعني زندگي کي ٻيهر نئين سري سان شروع ڪرڻ) جو جيڪو مرحلو آهي، نهايت اهم هوندو آهي، ان سان زندگي جو رخ بدلجي ويندو آهي، ان گهڙيء ۾ انسان جي اندر تبديلي اچڻ شروع ٿيندي آهي ۽ عالم سڳورا فرمائن ٿا: روزو اها عبادت آهي، جيڪا انسان جي نشاةِ ثانيه (يعني نئين پاڪيزه زندگي شروع ٿيڻ) جو سبب بڻجندو آهي.[2]

انهيءَ ڪري حديث شريف ۾ فرمايو ويو: اِنَّ لِكُلِّ شَيْءٍ بَابًا، وَاِنَّ بَابَ الْعِبَادَةِ الصِّيَامُ بابُ الْعِبَادَۃِ اَلصِّیَامُ بيشڪ هر شيء جو دروازو هوندو (آهي) ۽ روزو عبادت جو دروازو آهي.[3]

روزہ درماں ہے پیاس اور بھوک کے امراض کا                                                     خیبرِ تَن پروری کو توڑنا ہے بَر مَلا

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

روزي جي برڪت سان توبه نصيب ٿي وئي

 حضرت شيخ ابو بڪر شبلي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ٽئين صدي هجري جا وڏي رُتبي وارا بزرگ ٿي گذريا آهن، پاڻ پنهنجي زندگي جو هڪ حيرت انگيز ۽ سبق آموز واقعو بيان ڪندي فرمائن ٿا: هڪ ڀيرو مان قافلي سان گڏ ملڪ شام وڃي رهيو هئس، رستي ۾ ڌاڙيلن جي هڪ ٽولي اسان تي حملو ڪيو ۽ سڄو سامان کَسي پنهنجي سردار اڳيان گڏ ڪري ان جي جانچ پڙتال ڪرڻ لڳا، هڪ شخص جي سامان مان کنڊ ۽ بادامن جي ٿيلهي نڪتي، سڀئي ڌاڙيل ملي


 

 



[1] تفسیر روح البیان،پارہ:2،سورۂ بقرہ،زیرِ آیت:184،جلد:1،صفحہ: 294

[2] تفسیر روح البیان،پارہ:2،سورۂ بقرہ،زیرِ آیت:184،جلد:1،صفحہ: 294۔

[3] کتاب الزہد لا بن مُبارَک،باب فضل ذکر اللہ، جز:11، صفحہ:395،حدیث:1423۔