Book Name:Ramadan Sudharne Ka Mahina Hai

پيارا اسلامي ڀائرو! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِرسالت، شَهنشاھ نُبُوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔[1]

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                                                                        جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْبِ!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

  ڏاڙهي رکڻ سُنَّتِ مصطفيٰ آهي

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: مُڇيون ڪٽرايو ڏاڙهيون وڌايو مجوسين جي مخالفت ڪيو!( مسلم، کتابُ الطہارت، باب:خِصَالُ الْفِطْرۃ، صفحہ:153، حدیث:257۔)

   پيارا اسلامي ڀائرو! ڏاڙهي رکڻ سُنَّتِ مصطفيٰ بلڪه سُنّتِ انبياء آهي * اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڏاڙهي مبارڪ هميشه هڪ مُٺي جي مقدار رهندي هئي * جيڪڏهن هڪ مُٺي جي مقدار کان وڌي ويندي هئي ته گھٽ ڪرائيندا هئا * رسول ڪريم
 صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڏاڙهي مبارڪ ويڪر ۾ اهڙي هئي جو سيني مُبَارڪ کي ڀري ڇڏيندي هئي۔( انوارِ جمالِ مصطفےٰ، صفحہ:157 خلاصۃً)

* اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڏاڙهي ڪٽرائڻ ۽ مڇيون وڌائڻ کي سخت ناپسند ڪندا هئا * بهارِ شريعت ۾ آهي: ڏاڙهي ڪٽرائڻ يا هڪ مُٺي کان گھٽ ڪرڻ حرام آهي.( بہارِ شریعت، حصہ:16، جلد:2، صفحہ:586۔)


 

 



[1] مشڪوٰة الصابيح،ڪتاب الايمان،باب الاعتصام بالڪتاب والسنة ،الفصل الثاني،1/55،حديث:175