Book Name:Ramadan Sudharne Ka Mahina Hai

آهي. رسول ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائن ٿا: مون ان ملائڪ کي سلام ڪيو پر اهو الله پاڪ جي تسبيح ۾ مصروف هو، ان کي سلام ٻڌڻ ۾ نه آيو. هاڻي جبريل اَمين عَلَيۡهِ السَّلَام ان کي چيو: ہٰذَا مُحَمَّد يعني هي محبوب خدا، حضرت محمد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم آهن. جڏهن ان هي ٻڌو ته خوشي مان پنهنجا 2 ساوا پَر پکيڙيا، هي پر ايترا وڏا هئا، جو انهن آسمان ۽ زمين کي گهيري ورتو. هاڻي ان مون سان ڳلي ملڻ جي سعادت حاصل ڪئي ۽ اَدب سان چُمي به ڏنائون. پوءِ عرض ڪيائين: يارسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان جي لاءِ خوشخبري آهي جو الله پاڪ ماھِ رمضان جي صدقي اوهان جي اُمَّت کي بخشي ڇڏيو آهي.[1]

سُبْحٰنَ اللہ! پياري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم وڌيڪ فرمايو: هن ملائڪ جي سامهون ٻه صندوقون رکيل هيون، جن تي هزارين تالا لڳل هئا. مون پڇيو: انهن صندوقن ۾ ڇا آهي؟ ان ملائڪ عرض ڪيو: هن صندوقن ۾ اوهان جي اُمَّت جي روزيدارن جي لاءِ جهنم کان آزادي جا پروانا آهن. [2]

عاصیوں کی مغفرت کا لے کر آیا ہے پیام                                جھوم جاؤ مجرمو! رَمضاں مہِ غفران ہے

بھائیو بہنو! کرو سب نیکیوں پر نیکیاں                                 پڑگئے دوزخ پہ تالے قید میں شیطان ہے([3])

رَمضان جي اچڻ جون خوشخبريون

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڇا شان آهي ماھِ رمضان جي.....!! ۽ هن مبارڪ مهيني ۾ روزا رکڻ وارن جي به ڇا ته شان آهن. صحابيءِ رسول حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي، رسول ذيشان، مڪي مدني سلطان


 

 



.[1] سُلْوَۃُ الْعَارِفین،باب فضیلۃ الصیام،جلد: 1،صفحہ: 267ملتقطًا۔

.[2] سُلْوَۃُ الْعَارِفین،باب فضیلۃ الصیام،جلد: 1،صفحہ: 268ملتقطًا۔

 .[3]وسائلِ بخشش، صفحہ:706۔