Book Name:Ramadan Sudharne Ka Mahina Hai

ٿيندو* محبتِ الٰهي ملندي* عشقِ رسول ۾ اضافو ٿيندو* گناهن کان نفرت نصيب ٿيندي* نيڪي جو جذبو ملندو ۽ * اخلاق و ڪردار ۾ به بهتري ايندي. تمام اسلامي ڀائر هر هفتي عشاء جي نماز کان پوءِ پابندي سان مدني مذاڪرو ڏسڻ جي نيّت ڪيو.

  علم ۽ حڪمت ڀريو مدني مذاڪرو

پنجاب پاڪستان واه ڪينٽ (ضلعو راولپنڊي) جي هڪ نوجوان جو بيان آهي : نمازون قضا ڪرڻ، فلمون ڏسي شيطان کي خوش ڪرڻ ۽ ڳائڻ وڄائڻ وغيره ٻُڌي مست رهڻ منهنجو روزانو جو ڪم هو،  افسوس! مان سُنتن تي عمل ڪرڻ کان محروم هئس، منهنجي گُنَاهن ڀري زِندگي ۾ روشني هيئن آئي جو هڪ ڏينهن هڪ مبلغِ دعوتِ اسلامي سان منهنجي ملاقات ٿي، ان مون کي سمجھائيندي اجتماعي سُنَّت اعتڪاف جو ذهن ڏنو، ان جي مٺي انداز ۾ ڏنل نيڪي جي دعوت منهنجي دِل کي وڻي وئي ۽ مان اجتماعي اعتڪاف ۾ شريڪ ٿيس، هاڻ منهنجا رات ڏينهن عبادت ۾ گذرڻ لڳا، پُرسوز بيانن ۽ رِقَّت انگيز دُعائن منهنجي دِل واري دنيا ئي بدلي ڇڏي، وڌيڪ ڪرم اهو ٿيو جو اجتماعي اعتڪاف ۾ امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو مدني مذاڪرو ٻڌڻ جي سعادت ملي، سندن اثرائتي گفتگو سان مان ايتري قدر متاثر ٿيس جو مون هڪدم پنهنجي اڳوڻن سمورن گناهن کان توبه ڪئي ۽ نمازن جي پابندي جو پڪو ارادو ڪيو، امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ترغيب ڏيارڻ تي چنڊ رات جو گھر وڃڻ بدران راھِ خُدا جو مسافر بڻجي ويس جتي عِلمِ دين جي سنهري موتين سان دامن ڀرڻ جو موقعو مليو ۽ سنتون سکڻ سان گڏوگڏ ان تي عمل ڪرڻ جو جذبو به دِل ۾ پيدا ٿي ويو۔

مدنی مذاکرہ ہے شریعت کا خزینہ                                                                                   اَخْلاق کا، تہذیب کا، طریقت کا خزینہ

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد