Book Name:Ramadan Sudharne Ka Mahina Hai

حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: الله پاڪ جي نافرماني کان بچڻ جي خوب ڪوشش ڪيو! ان جي دروازي کي مضبوطي سان پڪڙيو...!! (بلاشبه) 5 عبادتون(يعني ايمان، نماز، روزو، حج، زڪواة) بجاآڻڻ ۽ گناه ڇڏي ڏيڻ سڀني کان عظيم، سڀني ڪمن کان وڌيڪ عزت وارو ۽ الله پاڪ وٽ گهڻو پسنديده ڪم آهي. [1]

الله پاڪ اسان کي گناهن کان بچي ڪري، خوب نيڪون ڪندي ماھِ رمضان گذارڻ جي توفيق نصيب فرمائي. ڪاش! ماھِ رمضان جي صدقي اسان پڪا نيڪ بڻجي وڃون. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم:  هفتيوار مدني مذاڪرو

   پيارا اسلامي ڀائرو! امير اهلسنت مولانا محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه هن دور جي عظيم علمي ۽ روحاني شخصيت بلڪ وليءِ ڪامل آهن، امير اهلسنت هر ڇنڇر تي عشاء جي نماز کان پوءِ مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن، يعني سڄي دنيا مان عاشقانِ رسول تفسير، حديث، شريعت، طريقت وغيره مختلف موضُعن تي سوال ڪندا آهن، امير اهلسُنت انهن جا جواب عنايت فرمائيندا آهن. هي مدني مذاڪرو عام طور تي هر ڇنڇر جي ڏينهن عشاء جي نماز کان بعد ۽ خاص رمضان جي مهيني ۾ روزانو نمازِ عصر ۽ تراويح جي نماز کان بعد مدني چينل تي لائيو ڏيکاريو ويندو آهي. مدني مذاڪرو اصلاحِ عقائد و اعمال جو بهترين ذريعو آهي: * اَلحَمۡدُلله! هاڻي تائين سيڪڙو ڪافر مدني مذاڪرو ڏسي ڪري ڪلمو شريف پڙهي چڪا آهن* لکين بي نمازي، *نمازي بڻجي چڪا آهن، *هزارين دلين جي اصلاح ٿي آهي.  

اوهان به مدني مذاڪري ۾ شرڪت ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! * علم دين حاصل


 

 



[1] فتوح الغیب، المقالۃ الرابعۃ و العشرون...الخ، صفحہ:44 ملتقطاً۔