Book Name:Ramadan Sudharne Ka Mahina Hai

پهري پنج ئي وقت پابندي سان نماز پڙهندو هو ۽ پويون قضا نمازون به ادا ڪندو هو. ماڻهن ان کان پڇيو: ته ايئن ڇو ڪندو آهين؟ ان جواب ڏنو: هي مهينو رحمت، برڪت، توبه ۽ مغفرت جو آهي، شايد الله پاڪ مون کي انهي عمل جي سبب بخشي ڇڏي. جڏهن ان جو وصال ٿيو ته ڪنهن ان کي خواب ۾ ڏسي ڪري پڇيو: مَا فَعَلَ اللّٰہُ بِکَ؟ يعني الله پاڪ اوهان سان ڪهڙو معاملو ڪيو؟ ان جواب ڏنو: منهنجي الله پاڪ مون کي رمضان شريف جو احترام ڪرڻ جي ڪري بخشي ڇڏيو. [1]

سُبْحٰنَ اللہ! هي الله پاڪ جي ڪرم نوازي آهي، اهو ربّ قهار عدل فرمائي ته ڪنهن هڪ ئي گناھ تي پڪڙ ٿي وڃي ۽ جيڪڏهن فضل فرمائي ته صرف هڪ نيڪي جي صدقي وڏا وڏا گناھ بخشيا وڃن.

عدل کریں تَا تَھرْ تَھرْ کَنْبَنْ اُچِّیَاں شَانَاں وَالے

فَضْل کَرَیْں تَا بخشے جَاوَنْ مَیں جَیْہَے مُنْہ کالے

هڪ  مهينو الله پاڪ جي لاءِ....!!

بهرحال! پيارا اسلامي ڀائرو! ماھِ رمضان سڌرڻ جو مهينو آهي. هن ۾ سڌرڻ جو پڪو عزم ڪيو! حديث پاڪ ۾ آهي: سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  فرمايو: الله پاڪ توهان جي لاءِ 11 مهينا رکيا آهن، انهن ۾ کائو، پيو، لذت حاصل ڪيو! پر هڪ مهينو پنهنجي لاءِ خاص فرمايو آهي فَاتَّقُوْا شَہْرَ رَمضَان فَاِنَّہٗ شَہْرُ اللہ يعني ماھِ رمضان کان ڊڄو! بيشڪ هي الله پاڪ جو مهينو آهي.[2]


 

 



[1] دُرَّۃُ النَّاصِحِین، صفحہ:8۔

[2] شُعَبُ الْایمان، باب فی الصیام، فصل فی فضائل شہر رَمضَان، جلد:3، صفحہ:312، حدیث: 3632۔