Book Name:Ramadan Sudharne Ka Mahina Hai

ٻنهي کي هڪ جهڙو نه رکو! [1]

يعني ڪا تبديلي هجڻ گهرجي، رمضان الڳ مهينو آهي، باقي سڀني مهينن جو سردار آهي* خاص طور تي رمضان المُبارڪ جي لاءِ جنت سجائي ويندي آهي * رمضان جي پهرين رات عرش جي هيٺان تازي هوا هلندي آهي         * رمضان ايندي ئي جنت جا دروازا کوليا ويندا آهن، جهنم جا دروازا بند ڪيا ويندا آهن* شيطان کي قيد ڪيو ويندو آهي. يعني هن حد تائين هن مهيني ۾  تبديليون واقع ٿينديون آهن، پوءِ اسان جي ڪردار ۾ تبديلي ڇو ناهي ايندي...؟ اسان جي گفتگو جو انداز ڇونٿو بدلجي؟ * اسان جي طور طريقن ۾ تبديلي ڇو نٿي اچي؟ رمضان نشاةِ ثانيه(يعني نئين سري سان سنورڻ جو) مهينو آهي. لهٰذا جڏهن رمضان المُبارڪ اچي ته اسان جي ڪردار مان، گفتار مان خبر پئي ته رمضان اچي چڪو آهي.

رحمت کان محروم رهندڙ بدبخت آهي

حضرت عُبَاده بن صامِت رَضِىَ اللهُ عَنْه روايت ڪن ٿا: هڪ ڀيري رمضان المبارڪ جي آمد آمد هئي، حضورِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: توهان وٽ رمضان اچي ويو * هي برڪتن وارو مهينو آهي * هن مبارڪ مهيني ۾ الله پاڪ جون رحمتون توهان کي گھيري وٺنديون آهن * هن مبارڪ مهيني ۾ گناھ ختم ڪيا ويندا آهن * هن مقدس مهيني ۾ دعائون قبول ڪيون وينديون آهن * هن بابرڪت مهيني ۾ الله پاڪ توهان جو ذوق ۽ شوق ڏسي ٿو ۽ الله پاڪ ملائڪن جي سامهون توهان تي فخر فرمائي ٿو * پوءِ هن مقدس مهيني ۾ پنهنجي طرفان ڀلائيون (يعني نيڪيون ۽ سٺا ڪم) الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پيش ڪريو! * بيشڪ بد بخت آهي اهو شخص جيڪو هن مهيني ۾ به رحمتِ اِلٰهي کان محروم رهجي وڃي۔[2]


 

 



[1] زہد لابن مُبارَک، باب ذم الریاء...الخ، صفحہ:160، حدیث:460۔

[2] مسند الشامیین للطبرانی،جلد:3،صفحہ:271،حديث:2238۔