Book Name:Ramadan Sudharne Ka Mahina Hai

قرآن و حديث ۾ گناهن کان بچڻ جا کوڙ سارا ديني ۽ دنياوي فائدا بيان ٿيا آهن، مثلاً جيڪو ٻانهو گناهن کان بچي وڃي، ان کي دل جو سڪون عطا ڪيو ويندو آهي، جيڪو ٻانهو گناهن کان بچي ويندو آهي، الله پاڪ ان جي غيب کان مدد فرمائيندو آهي. جيڪو گناهن کان بچي ويندو آهي، ان جي رزق ۾ برڪت ڏني ويندي آهي، جيڪو گناهن کان بچي وڃي، ان کي پريشانين کان نجات ڏني ويندي آهي، جيڪو ٻانهو گناهن کان بچي ويندو آهي، ان کي دنيا ۽ آخرت ۾ ڀلايون عطا ڪيون ويندون آهن، جيڪو  ٻانهو گناهن کان بچي ويندو آهي، ان کي حڪمت و دانائي عطا ڪئي ويندي آهي، جيڪو گناهن کان بچي ويندو آهي، ان کي هر ميدان ۾ ڪاميابي عطا ڪئي ويندي آهي. جيڪو گناهن کان بچي وڃي، ان جي زبان ۾ تاثير رکي ويندي آهي. جيڪو گناهن کان بچي وڃي، ان کي  مخلوق ۾ عزت ڏني ويندي آهي، جيڪو ٻانهو گناهن کان بچي ويندو آهي، ان جو خاتمو چڱو ٿيندو آهي، جيڪو ٻانهو گناهن کان بچي وڃي، ان جي لاءِ باطن جا دروازا کوليا ويندا آهن. جيڪو ٻانهو گناهن کان بچندو آهي، ان جون دعائون قبول ڪيون وينديون آهن. جيڪو گناھ کان بچي ويندو آهي، ان کي عبادت ۾ لذت عطا ڪئي ويندي آهي، جيڪو گناهن کان بچي ويندو آهي، ان کي جهنم جي باھ کان نجات ڏني ويندي آهي. جيڪو گناهن کان بچي ويندو آهي، قيامت جي ڏينهن ان کي سڌي هٿ ۾ اعمالنامو ڏنو ويندو آهي، جيڪو گناهن کان بچي ويندو آهي، قيامت جي ڏينهن ان جو حساب آساني سان ورتو ويندو، جيڪو ٻانهو گناهن کان بچي ويندو آهي، ان کي جنت جا عاليشان محل عطا ڪيا ويندا آهن. جيڪو ٻانهو گناهن کان بچي ويندو آهي، ان کي قيامت جي ڏينهن عرش جو سايو نصيب ٿيندو. جيڪو ٻانهو گناهن کان بچي ويندو آهي، ان کي ايمان جي مٺاڻ عطا ڪئي ويندي آهي. جيڪو ٻانهو گناهن کان بچندو آهي، ان جي چهري تي نيڪي جو نور رکيو ويندو آهي، جيڪو گناهن کان بچندو آهي، ان تي رحمت وسندي آهي، جيڪو گناھ کان بچي ويندو آهي، ان کي اجرِ عظيم ڏنو ويندو آهي. جيڪو ٻانهو گناهن کان بچي ويندو