Book Name:Ramadan Sudharne Ka Mahina Hai

رحمت جُوش ۾ اچي وڃي ۽ انهيءَ هڪ نيڪي جي برڪت سان جنت جا حَقدار بڻجي وڃون. البته! هتي هڪ ٿوري احتياط جي ضرورت آهي. اسان وٽ رمضان المبارڪ جي آمد هجي يا ربيع الاول شريف تشريف کڻي اچي ته عام طور هڪ ميسيج سوشل ميڊيا جي ذريعي گردش ڪرڻ لڳندو آهي، جنهن ۾ لکيل هوندو آهي، : ”حديث پاڪ ۾ آهي ته جنهن سڀني کان پهريان آمد رمضان جي مبارڪ ڏني، ان جي لاءِ جنت واجب ٿي ويندي آهي.“

 اهڙي ڪابه حديث پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کان ثابت ناهي. نه رمضان المبارڪ جي باري ۾، نه ئي ڪنهن ٻي مهيني جي باري آهي. تنهنڪري اهڙي ڪوڙ تي ٻڌل ميسيجن کي اڳتي وڌائڻ کان بچو ۽ جيڪو اوهان کي اهڙو ميسيج موڪلي، ان کي پيار محبت سان، حڪمت عملي سان نيڪي جي دعوت به ضرور ڏيو! بلڪ ٿي سگهي ته اهڙين ڳالهين جو ڀرپور ردّ ڪرڻ گهرجي. حديث پاڪ ۾ آهي: اسان جي نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  فرمايو: مَنْ کَذَبَ عَلَیَّ مُتَعَمِّدًا فَلْیَتَبَوَّأْ مَقْعَدَہٗ مِنَ النَّار جنهن مون تي ڄاڻي واڻي ڪوڙ هنيو(مثلاً حضورصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪا ڳالھ فرمائي نه هئي ۽ ڪنهن چئي ڇڏيو ته هي پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي حديث آهي) ته اهڙو انسان پنهنجو ٺڪاڻو جهنم بڻائي ڇڏي.[1]  

الله اڪبر! الله پاڪ اسان کي محتاط بڻائي ۽ خصوصاً دين ۾ بي احتياطي کان محفوظ فرمائي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

 عَجِّلْ عَجِّلْ یَارَمضَان                                                                                                                                         جان مِری تجھ پر قربان

آ بھی جا ماہِ سُبْحٰن                                                                                                                                              جلدی جلدی آ رَمضَان

جب بھی آتا ہے رَمضَان                                                                                                                          جان میں آجاتی ہے جان


 

 



[1] بخاری،کتاب العلم،باب اثم من کذب علی النبی،صفحہ:103،حدیث:110۔