Book Name:Pyary Aaqa Ka Pyara Dost

ناهيون آيا، هتي گهر، ڪوٺيون، بنگلا بڻائڻ جي لاءِ ناهيون آيا بلڪه هي دنيا مقامِ پرورش آهي. يعني اسان هتي انهي ڪري آيا آهيون ته جيئن پنهنجي دل ۾ الله پاڪ جي مَحبَّت کي وڌايون ڏينهن و ڏينهن ان محبت ۾ اضافو ئي ڪندا رهون. انهيءَ ڪم جي لاءِ اسان هن دنيا ۾ آيا آهيون.

گهر نه بڻائڻ جو  نرالو سبب

هڪ ڀيرو حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام هڪ جبل جي ڀرسان گذريا، ڏٺو، اُتي هڪ پوڙهو ماڻهو الله پاڪ جي عبادت ۾ مصروف آهي، پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام فرمايو: اي شخص تو گهر ڇو نه بڻايو، جيڪڏهن بڻائين ها ته سردي گرمي کان حفاظت رهي ها. ان نيڪ انسان عرض ڪيو: اي روح الله عَلَيۡهِ السَّلَام! مون کي اوهان کان پهريان نبين جي خدمت جي به سعادت ملي، انهن مون کي ٻڌايو ته منهنجي عُمر 700 سال کان وڌيڪ نه ٿي سگهندي. تنهنڪري (وقت ڇوته ٿورو آهي)، لهٰذا عبادت ڇڏي ڪري گهر بڻائڻ ۾ مصروف ٿيڻ مون کي پسند نه آيو.[1]

الله اڪبر! ڇا انداز آهي، ڪيتري ته پياري سوچ آهي...! ان نيڪ بُزرگ کي 700 سال جي عمر ملي هئي، سندن اُن کي به گهٽ سمجهيو ته ايتري ٿُوري مُدَّت آهي، جيڪڏهن گهر بڻائڻ ۾ لڳي ويس ته عبادت ڪڏهن ڪندس..!! افسوس! هڪ اسان آهيون، عمر ڪيتري آهي..؟ درمياني طور تي 60 کان 70 سال ۽ انداز ڪيئن آهن....؟ ڄڻ اسان کي هميشه دنيا ئي ۾ رهڻو آهي، حرص آهي، لالچ آهي، دنيا، دنيا ۽ بس دنيا آهي. *عاليشان محل بڻائيندا آهيون يا ان جي خواهش رکندا آهيون *بينڪ بيلنس وڌائڻ جي فڪر آهي* ڪوٺيون ٺاهڻ جي فڪر آهي، آخرت جي ڪا فڪر ناهي* قبر ۾ لهڻو آهي * حشر ۾ اٿڻو آهي * ميزانِ عمل تي پهچڻو آهي *هرهر عمل جو حساب ڏيڻو آهي پلصراط تان گذرڻو آهي، ان جي ڪائي فڪر ناهي. ڪاش! اسان کي فڪرِ آخرت نصيب ٿي وڃي.


 

 



[1] حکایات و قصص ، یاتی فی آخر الزمان امۃ لاتجاوز...الخ، الحکایۃ:50، صفحہ:71۔