Book Name:Pyary Aaqa Ka Pyara Dost

نصيب فرمائي. ڪاش! رسول ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پسند جو ٻانهو بڻجڻ نصيب ٿي وڃي. 

 اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدرسة المدينه بالغان

  پيارا اسلامي ڀائرو! موت جي ياد دل ۾ ويهارڻ، قبر ۽ آخرت جي تياري فرمائڻ ۽ نيڪ نمازي بڻجڻ جي سعادت حاصل ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته (Linkup) ٿي وڃو! 12 ديني ڪمن ۾ به خوب اڳتي وڌي ڪري حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! زندگي سنورجي ويندي، الله پاڪ چاهيو ته دنيا کان بي رغبتي جي دولت به ملندي ۽ اخلاق ۽ ڪردار به سنورجي ويندا. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم مدرسة المدينه بالغان به آهي جنهن ۾ درست تجويد و قراءت سان قرآن پاڪ پڙهڻ سيکاريو ويندو آهي.

 * حديث پاڪ ۾ آهي: توهان مان بهتر اهو آهي جيڪو قرآن سکي ۽ سيکاري.[1]  * قرآنِ مجيد الله پاڪ جو ڪتاب آهي. * ٻانهن جي نالي ربّ ڪريم جو پيغام آهي. * پر افسوس! اَڄ مسلمان قرآن پاڪ کان پري ٿيندا پيا وڃن. * ڪيئي ماڻهن کي ڏسي ڪري به صحيح قرآن پڙهڻ نٿو اچي * جيڪي پڙهي سگهن ٿا اهي به تجويد ۽ مخارج جون اهڙيون غلطيون ڪندا آهن، جن جي سبب نماز ئي ناهي ٿيندي. * اَلحَمۡدُلله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي قرآن جو فيضان عام ڪرڻ ۾ مصروف آهي. * مسجدن، دڪانن ۽ مارڪيٽن وغيره ۾ مدرسة المدينه لڳايا ويندا آهن. *  صرف 35 کان 45 منٽن جي ڪلاس هوندي آهي. * اُن ۾ صحيح تجويد ۽ قراءت سان قرآن پڙهڻ به سيکاريو ويندو آهي


 

 



[1]... وسائلِ بخشش، صفحہ:98۔